سنجهورو (ن پ ا) سنجهوري جي احساس ڪفالت سينٽر تي پي ٽي آءِ اڳواڻ کي ڪٽڪو ، سينٽر جي ڊوائيس انچارجن پي ٽي آءِ اڳواڻ سخاوت علي آرائين کي پوليس جي موجودگي ۾ ڪٽڪو ڏئي سنجهوري ٿاڻي تي وٺي ويا. احساس ڪفالت سينٽر سنجهوري جي انچارج شڪيل راجپوت چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ سخاوت علي آرائين اسانکي بليڪ ميل ڪري پئسا گهري رهيو هو جنهن سبب اسان مجبور ٿي کيس ڪٽڪو ڏنو ۽ پوليس حوالي ڪيو، جتي ايس ايچ او اسان وچ ۾ ٺاهه ڪرائي معاملي کي لئي مٽي ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف پي ٽي آءِ سنجهوري جي اڳوڻي صدر سخاوت علي آرائين پنهنجي موقف ۾ چيو ته سنجهوري احساس ڪفالت سينٽر تي غريب مسڪين مستحق عورتن جي رقم مان هڪ هزار کان ويندي 2 هزار تائين ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي، جنهن بابت شڪايت تي مون احساس ڪفالت سينٽر جي ڊوائيس انچارجن کان پڇا ڪئي ته الٽو هنن سڀني گڏجي مون تي پئسن وٺڻ جو بهتان هڻي مون تي تشدد ڪري ٿاڻي وٺي ويا. هن الزام هڻندي چيو ته سنجهورو پوليس به احساس ڪفالت سينٽر جي ڊوائيس مالڪن سان هن ڪڌي ڪاروبار ۾ ڀاڱي ڀائيوار آھي.