ڪولمبو(اسپورٽس نيوز ) سريلنڪن پرستار اڃا ايشيا ڪپ سُپر فور مرحلي ۾ پهچڻ جو جشن ملهائي رهي هئا ته اوچتو هڪ خبر کين پريشان ڪري ڇڏيو اِها خبر هئي اڳوڻي سريلنڪن آف اسپنر سچيٿرا سينانائيڪي جي جنهن کي ميچ فڪسنگ الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي.ڪرڪ انفو موجب، سچيٿرا سينانائيڪي تي 2020ع ۾ لنڪا پريميئر ليگ (ايل پي ايل) دوران رانديگرن کي ميچ فڪسنگ لاءِ زور ڀرڻ جو الزام آهي.ميڊيا رپورٽ موجب، سينانائيڪي پاڻ اُن وقت ايل پي ايل جو حصو نه هيو، مٿس الزام آهي ته هن ايل پي ايل ۾ حصو وٺندڙ هڪ کان وڌيڪ رانديگرن سان ميچ فڪسنگ لاءِ رابطو ڪيو.بعد ۾ اِها ڄاڻ مبينا طور ٽورنامينٽ جي اينٽي ڪرپشن يونٽ جي آفيسرن تائين پهچائي وئي ۽ ڪرڪيٽر خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي.ميڊيا رپورٽ موجب، الزامن جي جاچ شروع ٿيڻ کانپوءِ گذريل مهيني عدالت سينانائيڪي تي سفري پابندي مڙهي ڇڏي هئي، جنهن کانپوءِ اربع جي ڏينهن سريلنڪن پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو.سريلنڪن پوليس موجب، سينانائيڪي کي چويهه ڪلاڪن ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.سينانائيڪي هڪ ٽيسٽ، 49 ون ڊي 24 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ سريلنڪا جي نمائندگي ڪئي.