سرحد (رپورٽر) 15 ڏينھن اڳ اغوا ٿي ويل الف واسو جي وارثن کان ڌاڙيلن پاران 30 لک رپيا ڀنگ طلب، ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ مغوي کي مارڻ جي ڌمڪي، 15 ڏينھن گذرڻ باوجود گھوٽڪي پوليس ڪوبه ٻوٽو نه ٻاري سگھي، مغوي جي وارثن عثمان واسو امير بخش، عرفان واسو سميت ٻين جو پوليس خلاف احتجاج، ان سلسلي ۾ سرحد ويجھو ڳوٺ جانڻ واسو جو رهواسي 15 ڏينھن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل آهي مغوي جي بازيابي لاءِ ڌاڙيلن پاران 30 لک ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي، مغوي جي وارثن عثمان واسو، امير بخش، عرفان واسو سميت ٻين گھوٽڪي پوليس جي خلاف احتجاج ڪيو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مغوي جي وارثن جو چوڻ هو ته الف واسو کي اغوا ٿئي 15 ڏينهن گذري چڪا آهن پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي مغوي جي وارثن پاران ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي کان مطالبو ڪندي چيو ته مغوي الف واسو کي باحفاظت بازياب ڪرايو وڃي.