دادو/مورو (نمائندن وٽان) ڪيٽي جتوئي ۾ جتوئي ۽ شاهاڻي ڌر جي ماڻهن ۾ ٻيهر ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي ۽ فائرنگ ٿيڻ جا پڻ اطلاع آهن. مشتاق شاهاڻي کي جتوئي ڌر جي ماڻهن پڪڙي ورتو آهي، جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضي جتوئي جي ڪمدار اقبال شاھ اسماعيل جا ڀاڻ ٿاڻي تي اطلاع ڏيڻ سان گڏ صحافين کي ٻڌايو آهي ته رات دير سان شاهاڻي برادري جي هٿياربندن سندس لانڍي تي حملو ڪري ٻن هارين نويد سولنگي ۽ مولا بخش سولنگي کي يرغمال بڻائي اغوا ڪري وٺي وڃي رهيا هئا گارڊن ۽ هارين هٿياربندن جي مزاحمت ڪري فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوء اغوا ڪيل هارين کي ڇڏائي هڪ هٿياربند مشتاق شاهاڻي کي پڪڙي ورتو آهي ، اقبال شاھ ۽ ٻيا پڪڙيل هٿيار بند مشتاق کي ساڻ ڪري ڪيس داخل ڪرائڻ لاء ڪچي جي اسماعيل جا ڀاڻ ٿاڻي تي پهتا ته ٿاڻي جي اهلڪارن کين اهو چئي واپس ڪيو ته اها حد جهلو ٿاڻي جي آهي، جڏهن ته جهلو ٿاڻي جي اهلڪارن وري حد اسماعيل جا ڀاڻ ٿاڻي جي ڄاڻائڻ سبب واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي. ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي آفيس دادو جي ميڊيا سيل انچارج ٻڌايو ته شاهاڻي برداري جا ٽي چار ڄڻا چوري جي ارادي سان ڪيٽي جتوئي ۾ اقبال شاھ جي لانڍي تي پهتا ته اتي مورچا بند ٿيل هارين سان فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي ۽ هڪ هٿيار بند کي پڪڙيو ويو آهي ۽ ٻيا موقعي تان ڀڄي ويا آهن ، جڏهن ته واقعي بابت شاهاڻي برادري جي ڌر جو موقف سامهون ناهي آيو.