سانگهڙ (رپورٽر) سڄي سنڌ جيان سانگهڙ واسي ايڪتا جي ڏهاڙي تي ھڪ ٿي ويا، ھر پاسي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پهريل سنڌ جرڪي پئي، قومي ڏينهن تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن سنڌ ترقي پسند پارٽي، مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن، ميمڻ اتحاد پاران ڌار ڌار ريليون ڪڍي پريس ڪلب آڏو مک تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن جبار جوڻيجي، سليم نظاماڻي، مبين درس، قاسم عادل لغاري، امير بخش بڙدي، حسن لانڊر ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ حقيقي تبديلي علم سان ايندي،  ھنن چيو ته اڄ سڄي سنڌ فخر سان ايڪتا جو ڏينهن ملھائي رھي آھي، پھريون قدم کڻندڙ علي قاضي کي سلام پيش ڪيون ٿا، جنهن گڏ ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪيو، ھاڻ ھي سڄي سنڌ جو ڏينهن آهي، تقريب ۾ لوڪ فنڪار مولا بخش ملاح، پريل عمراڻي ۽ ٻين سرن جي ورکا ڪئي، جڏهن ته نوجوان رقص ڪندي نظر آيا.