ايڪتا ڏينهن تي سنڌ مرڪي پئي، سوشل ميڊيا تي به ثقافتي رنگ

0
362
ايڪتا ڏينهن تي سنڌ مرڪي پئي، سوشل ميڊيا تي به ثقافتي رنگ

  سنڌ ۾ ايڪتا جي ضرورت هر وقت رهي آهي رهي پئي ۽ رهندي به، اهڙو ايڪتا جو اظهار ڪرڻ لاءِ ئي سڄي سنڌ ۾ ميڙاڪا ٿيا، خاص طور سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سنڌ واسين جي ايڪتا جو اظهار ڏسڻ وٽان هو، جتي نه صرف سنڌي ماڻهو آيل هئا پر ٻيا سنڌ ۾ رهندڙ ٻين قومن سان تعلق رکندڙ ماڻهو به آيل هئا جيڪي پڻ سنڌين سان ايڪتا جو اظهار ڪري رهيا هئا، اها ئي ايڪتا جي طاقت آهي جو ڪراچي ۾ ٽائيم نيوز جي مک تقريب کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندي رستا ڪنٽينر هڻي بند ڪيا ويا پر پوءِ به هزارين لکين ماڻهن ان تقريب ۾ پهچي ايڪتا جو اظهار ڪيو، ايڪتا محبت جو ڏينهن آهي، محبت کي روڪي نٿو سگهجي.

جڏهن ته هن ايڪتا جي ڏينهن تي جتي ڌرتي سان وفا جا وچن وريا ويا اتي سنڌين پنهنجي ڪردارن کي به نه وساريو، اهڙو عمل نه رڳو ڪالهه ٿيل ميڙاڪن ۾ نظر آيو پر سوشل ميڊيا تي ان جو عملي مظاهرو ڪيو ويو، ايڪتا جي ڏينهن تي سائين جي ايم سيد، شهيد بشير قريشي، رسول بخش پليجو، جيجي زرينه بلوچ، ابراهيم جويو جون اجرڪ ٽوپي ۽ پٽڪي واريون تصويرون به سامهون آنديو ويون ته اتي وري شهيد ذوالفقار ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو، پير پاڳارو جون پڻ سنڌي ثقافتي ويس واريون تصويرون سامهون آيون، اهڙي ريت عالمي شخصيتن جون پڻ اجرڪ ٽوپي ۽ پٽڪي واريون تصويرون سوشل ميڊيا تي گردش ڪنديون رهيون جن ۾ پوپ فرانسس جي تصوير هجي يا بالي ووڊ اداڪار سلمان خان سڄي دنيا مان ان قسم جون تصويرون سامهون آڻڻ جو سلسلو جاري رهيو. سوشل ميڊيا تي سنڌي ڪلچرل ڊي 2021ع ٽاپ ٽرينڊ بڻيل رهيو.

جنهن ۾ نه رڳو سنڌ واسي پنهنجون ثقافتي ڪپڙن واريون تصويرون شيئر ڪندا رهيا پر هڪٻئي کي ان ڏينهن جون واڌايون به ڏيندا رهيا. ان سسلسلي ۾ صنم چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سڀني کي ثقافتي ڏينهن جون مبارڪون، جنهن تي راشد مهيسر لکيو ته سنڌ مرڪي پئي، اظهر لولائي، سيد جلالي شاهه، عرفان علي منگي، مير خادم عمراڻي به مبارڪون ڏنيون، ڪاشف سومرو لکيو ته قومي عيد جون مبارڪون، وارث رضا پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي ثقافت ڏهاڙي تي ياد رکجي، سنڌ جا اصل مالڪ دراوڙ سريلنڪا لڏي ويا هئا، سريلنڪا اسان جي مذهبي انتهاپسندي سبب ڏکويل آهي، برڪت نوناري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ماءُ مرشد ڪامل هوندي آهي، منهنجي ماءُ مون کي منهنجي ڌرتي سان ۽ ڌرتي جي ماڻهن سان عشق جي وصيت ڪئي هئي، امڙ جي قبر جي مٽي جو قسم هن ڌرتي سان عشق اٿم.

سنڌيت ڇا آهي؟ 1) مذهبي رواداري: سنڌ هزارين سالن تائين مختلف مذهبن کي گڏ کڻي مذهبي رواداري سان سڀني سنڌين کي مذهبي آزادي سان جيئڻ جو حق ڏنو، سنڌ سناتن ڌرم کان هندو ڌرم تائين، جين ڌرم کان ٻڌ ڌرم تائين ۽ اسلام قبول ڪري علوي سيدن، اسماعيلي شيعن ۽ سني فرقن کي پناھ ڏني ۽ سنڌ جي حڪومت سيڪيولر رهي،2) سنڌ نسل پرستي جو انڪار آهي: سنڌ هڪ ئي وقت تي جت قبيلن ۽ سماٽ نسل جي قديم ڌرتي رهي آهي، سنڌ عرب نسل (سيد، قريشي، صديقي، فاروقي) کي پنهنجي وجود ۾ ضم ڪري ڇڏيو، سنڌ ايراني ۽ افغاني نسلن کي پنهنجي وجود ۾ ضم ڪري ڇڏيو، سنڌ بلوچ قبيلن کي پنهنجي وجود ۾ ضم ڪري ڇڏيو، سنڌيت نسل پرستي جو انڪار آهي.3) عورت جي آزادي ۽ خودمختياري: سنڌيت عورت جي آزادي ۽ خودمخياري جي گواهي ڏئي ٿي، شاھ لطيف جي داستانن کان ويندي سائين جي ايم سيد جي ڪتابن تائين سنڌي سماج صنفي برابري جي تصديق ملي ٿي، شال سنڌي پنهنجي وڃايل قومي روايتن کي سڃاڻي سگهن.

شمع منور پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌي ثقافتي ڏهاڙو آسٽريليا ۾، ثقافتي ڏهاڙي /ثقافتي عيد تي ھند ۽ سنڌ جي سنڌين سان گڏجي جام ساريون  ڪچھريون ، لطيف تي ڳالھه ٻولھه،استاد بخاري جا گيت،  سنڌي سھرا ۽ سنڌي پھاڪن کي ساراهيندي اسان اڄ سنڌ ٿي وياسين. جيئي سنڌ ڌرتي ۽ جيئي لطيف، برڪت جهنڊير پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايڪتا جا رنگ دنيا تائين پهچائڻ ۽ پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ دوران،سنگت به ساٿ ڏنو، فضل ابڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سموري سنگت کي ايڪتا/ثقافت ڏينهن جون واڌايون، جنهن تي يوسف جوکيو، عبدالوهاب، واجد سومرو، آدم پتافي، نادر ابڙو، نواز سومرو، فهد اياز سنڌو، رياض سولنگي به مبارڪون ڏنيون،

شانل کوسو تصوير شيئر ڪندي لکيو ته آءُ ته توکي پنهنجي دل جون ڳالهيون ڳيچ ٻڌايان، توکي موتئي جيئين مهڪايان، سموري سنڌ کي  قومي عيد جون واڌايون، بابر حسين چانگ به مبارڪون ڏنيون، جميل گاد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪجھه ماڻھو سوشل ميڊيا تي ڇوڪرين جي ٽوپي پائڻ ۽ پٽڪو ٻڌڻ تي اعتراض ٿا ڪن!! تاريخ ٻڌائي ٿي ته علاوالدين خلجي جڏهن دودي سومري کي شھيد ڪري انھن ابڙن جي قلعي تي حملو ڪيو هو جتي دودي جي ڀيڻ ٻاگهل ٻائي ۽ ٻيون عورتون سام طور رهيل هيون ته ٻاگهل ٻائي ۽ ٻيون عورتون پٽڪا ٻڌي علاوالدين خلجي سان مھاڏو اٽڪائڻ لاءِ تيار ٿي بيٺيون هيون عورتن جو ايترو تعداد هيو جو علاوالدين خلجي آڻ مڃي ڇوته دودو ۽ سندس اڪثر لشڪر ته جنگ ۾ مارجي ويو هو، پر علاوالدين خلجي جو لشڪر به آخري پساهن ۾ ھيو، سو سنڌ جي تاريخ پڙھو ماضي ۾ اسان وٽ عورتن تارا ٻائي جي روپ ۾ حڪومتون پڻ هلايون آھن، اهو ئي ته سنڌ جي ثقافت جو ڪمال آھي جو ان کي مرد ۽ عورتون بغير جنسي فرق جي پائن ٿا.

حريف چانڊيو ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان ٻارن جون تصويرون شيئر ڪيون، اڪرام چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مان جتي به ھجان، سنڌ تنھنجو ٿيان.Contech International جي ٽريننگ دوران ڪلچر ڊي جي حوالي سان ننڍڙي تقريب رکي سين. سرفراز ساريو، اسد ابڙو، رياض سولنگي ۽ عيسيٰ انصاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پوري دنيا ۾ رهندڙ سڀني سنڌي ڀائرن کي سنڌي ثقافتي ڏهاڙو مبارڪ هجي. حبيب جمالي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪنٽينر لڳائي روڊ بند ڪيا ويا ته ٽائيم نيوز ايڪتا ڊي تي پروگرام نه ڪري، دوستن کان پڇون ٿا ته پوليس ۽ انتظامي سرپرستي هوندي به اوهان جا ڪنٽينر ڪنهن اڇلائي ڇڏيا؟ سنڌ جي عوام کان به ٻيو ڪو طاقتور آهي ڇا ڀلا؟سنڌ واسين هڪ ڀيرو ٻيهر ڪنٽينر اڇلائي ڇڏيا، ٽائم نيوز جو پروگرام ڪامياب ٿي ويو. جڏهن ته سنڌي ڪلچرل ڊي 2021ع ٽرينڊ ۾ هزارين ٽوئيٽ ڪيا ويا، محسن ملاح، سعيد سانگري، علي رند، شميع جوڻيجو، مرتضيٰ زنگيجو، اقرار الحسن، پنڪج مهيشوري، سميرا، اياز، نغمه اقتدار، تانيه سليم پليجو، لال مالهي، سالار خان راهوجو، فياض حسين، ڪلثوم فاطمه، ايڊووڪيٽ مجيب پنهور، عبدالقدير، اطهر نواز، سيده مزره جيلاني، سيده توبه انور، فيضان، مير سهراب خان مري، ارسلان ۽ ٻين پڻ ٽرينڊ ۾ حصو ورتو، ماهي لکيو ته آئون پنجابي آهيان پر سنڌي ڪلچرل جو حصو هجڻ تي فخر آهي، شهباز شريف به ثقافتي ڏينهن جون واڌايون ڏنيون.