سامارو (ن پ ا)  سامارو ڀرسان عمرڪوٽ روڊ تي ديهه اڀرندو کاروڙو ۾ گرڊ اسٽيشن وٽ ويٺل 4 ھارين رامون  ڪولھي، مڪيش ڪولھي، ڪيول ڪولھي ۽  سوائي ڪولھي جي گھرن کي باهه لڳي وئي، نتيجي ۾ گھرن ۾ پيل سمورو سامان ڪڻڪ، نياڻين جو ڏاج، سونا زيور، هنڌ بسترا سڙي رک ٿي ويا،  ٻي طرف کليل آسمان هيٺ ويٺل متاثرن وس وارن کان واهر جي اپيل ڪئي آهي.