حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) سنڌ حڪومت پاران سنڌ جي چڪين توڙي فلور ملن کي سيپٽمبر کان ڪڻڪ جي ڪوٽا فراهم ڪرڻ واري فيصلي کانپوءِ سنڌ توڙي حيدرآباد شهر ۾ اٽي جي اگهن ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي. 15 ڏينهن اڳ 140 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيندڙ اٽو هاڻي 160 رپيا وڪرو ٿي رهيو آهي جنهن ۾ واپارين، فلورملن توڙي چڪي مالڪن جو چوڻ آهي ته کين سنڌ حڪومت کان ڪوٽا نه ملي آهي ۽ نه وري سستي اگهه تي اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ موجود آهي ان ڪري مهانگي اگهه تي ڪڻڪ خريد ڪرڻ سبب چڪي ۽ فلور مل تان هول سيل تي 155 رپيا في ڪلو اٽو فراهم ڪري رهيا آهيون جيڪي ريزڪي دڪاندار 160 رپيا في ڪلو وڪرو ڪري رهيا آهن. ”پنهنجي اخبار“ کي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي وڏن واپارين پاران ڪڻڪ جي پيدا ٿيل کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ رشيا کان لکين ٽن ڪڻڪ گهرائي وئي آهي. ذريعن موجب ڪڻڪ جو پهريون جهاز 7 سيپٽمبر تي پورٽ قاسم تي پهچڻو هو پر اهو هاڻي 11 سيپٽمبر تي اچي رهيو آهي. اهڙي عمل جي ڄاڻ ملڻ کانپوءِ حيدرآباد توڙي سڄي سنڌ جي ذخيرو اندوز ۽ ناجائز منافعي مافيا لڪايل ڪڻڪ پنهنجي گدامن مان ڪڍڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته هفتو اڳ 100 ڪلو ڪڻڪ جي ٻوري 12 هزار 800 رپين ۾ اوپن مارڪيٽ ۾ ملي رهي هئي پر هاڻي اها 100 ڪلو واري ٻوري 12 هزار 300 يا 12 هزار 500 ملي رهي آهي ۽ وڏي تعداد ۾ ڪڻڪ اوپن مارڪيٽ ۾ پهچي وئي آهي پر افسوس ته ضلعي انتظاميا 20 رپيا في ڪلو تي وڌڻ باوجود اٽي جو اگهه پراڻي اگهه تي آڻڻ لاءِ ڪي به جوڳا اپاءُ نه وٺي سگهي آهي.