ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) رسي تي گھمندڙ ۽ فرش تي ڊوڙندڙ ڊرون روبوٽ تيار ٿي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ماهرن هڪ انوکو روپبوٽ تيار ڪري ورتو آهي، اهو روبوٽ ڏسڻ ۾ ٿورو عجيب آهي ڇاڪاڻ ته اهو رسي تي گھمندي ڪرتب ڏيکاري ٿو، زمين تي گھمي ٿو، اسڪيٽنگ جو ان کي شوق آهي ۽ اهو هوا ۾ به اڏامي سگھي ٿو. ان جو نالو ”ليونارڊو“ آهي جنهن کي اليو به چئي سگھجي ٿو.”ليونارڊو“ حقيقت ۾ ”ليگز آن بورڊ ڊورن“ جو مخفف آهي. اهو تڏ جيان ٽپا ڏئي سگھي ٿو ۽ اسڪيٽنگ به ڪري سگھي ٿو. ڪيلٽيڪ ۾ آٽوميٽڪ نظام ۽ ٽيڪنالوجي سان تيار ڪيل ان روبوٽ ۾ ڪيترائي جوڙ آهن جن جي مدد سان اهو انسانن جيان گھمي ڦري ٿو ۽ پرن سبب اڏامندي به نظر اچي ٿو. ان جا تفصيل سائنس روبوٽڪس ۾ ڇپيل آهن.