رائونتي (ن پ ا) پنجاب جي علائقي ضلعي گجرات جا رهواسي رائونتي ڪچي پهتا, گجرات جا رهواسي رائونتي  جي ڪچي طرف اغواء ٿيڻ لاءِ ويندڙ 4 ڀائرن کي رائونتي پوليس بچائي ورتو، اغواء کان بچي ويلن ۾ صغير جٽ، واصف علي،  خضرحيات، عثمان، جٽ شامل آهن، اغوا کان بچي ويلن جو چوڻ هو ته اسان کي اهو چئي گهرايو ويو ته رائونتي اچو اسان اوهان کي ٽريڪٽر ڏيندا سين سستي اگهه تي، اسان زميندار آهيون، ۽  ڪاروبار ڪندڙ آهيون، پنجاب جا رهواسي، پوليس جو چوڻ آهي ته اسان کي اطلاع مليو ۽ ٽيڪنالوجي جي مدد سان انھن کي اغواء ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي،  انهن کي اسان ڪچي جي اسد شاه دمدمو وٽ پهچي بچايو آهي،وارث جڏهن آيا ته پوءِ انھن حوالي ڪنداسين،