اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ صحافي مدثر نارو جي گمشدگي واري ڪيس ۽ ملڪ ۾ ٿيندڙ جبري گمشدگين واري مامري تي اٽارني جنرل کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي گم ٿي ويل ماڻهن  بابت ڪميشن جي ٽي او آرز ۽ جسٽس منصور عالم ڪميشن جي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ڪالهه مدثر نارو، جي گمشدگي واري ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس اطهر من الله ڪئي، چيف جسٽس سوال ڪندي چيو ته 2010ع ۾ سپريم ڪورٽ جبري گمشدگين واري مامري تي ڪميشن جوڙي هئي ان جي رپورٽ ڪٿي آهي؟، ايڊيشنل اٽارني جنرل جوب ڏيندي چيو ته هن وقت 800 جي لڳ ڀڳ ماڻهو گم ٿيل آهن، هن وقت تائين 8 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو گم ٿي چڪا هئا جنهن مان 6 هزار ڪيس حل ٿي چڪا آهن، چيف جسٽس چيو ته حل ٿيل ڪيس ڪهڙن بنيادن تي حل ڪيا ويا آهن، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ماڻهن کي گم ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت جي ڪا پاليسي هئي؟ 2016ع کان هن وقت تائين اسلام آباد ۾ جن شهرين کي جبري گم ڪيو ويو اهي سمورا ڪيس اسان جي سامهون آهن، انهن ڪيس جو هن وقت تائين ڪهڙو نتيجو نڪتو آهي، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته حل ٿيل ڪيسن مان ڪجهه ماڻهو جيلن ۾ هئا ۽ ڪجهه ماڻهن حراستي مرڪزن ۾ هئا، گم ٿي ويل ماڻهن جي خاندانن جي وڪيل عدالت آڏو موقف اختيار ڪيو ته هڪ رپورٽ مطابق 221گم ٿي ويل ماڻهن جا لاش وارثن کي ڏنا ويا، ڪميشن جو ڪم هو ته اهڙن واقعن جي جاچ ڪري ته لاش وارثن حوالي ڪيئن ڪري سگهجن ٿا، چيف جسٽس چيو ته جبري گمشدگين جي مامري تي ڪميشن جو ڪم صرف سمن جاري ڪرڻ ناهي، پنهنجي اختيار جو استعمال ڪرڻ ڪميشن جي ذميواري آهي، پر افسوس اهو آهي ته جيڪڏهن ماڻهن جي جبري گمشدگي ۾ رياست جو ڪو ڪردار آهي ته انهن کي هدايتون ڏيڻ جو ڪو فائدو ناهي، اهي بعد ۾ عدالتن ۾ اچي موقف اختيار ڪندا آهن ته انهن کي معلوم ناهي ته گم ٿيل ماڻهن کي ڪنهن غائب ڪيو آهي، هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪنهن ڪنهن کي ان مامري جو ذميوار قرار ڏيڻو پوندو ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت آڏو استدعا ڪئي ته عدالت آڏو استدعا ڪئي ته نتيجو ڏيڻ لاءِ ٻن هفتن جو وقت ڏنو وڃي، گم ٿي ويل ماڻهن جي مامري تي هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي هئي جنهن ۾ قانون وارو وفاقي وزير به شامل آهي، چيف جسٽس چيو ته ڪاميٽيون جوڙڻ واريون  ڳالهيون ڇڏي ڏيو، مامرو ڪاميٽين کان اڳتي نڪري چڪو آهي، استثنيٰ ختم ڪرڻي پوندي، ڪنهن کي ته ذميوار قرار ڏيڻو آهي، هي عدالت مسنگ پرسن ڪيس ۾ پنهنجو فيصلو ضرور ڏيندي، بعد ۾ عدالت اٽارني جنرل خالد جاويد خان کي طلب ڪندي ڪميشن جي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.