حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڦرلٽ جي 5 ۽ چوري جي هڪ واردات ۾ شهري لکين  رپين جي نقد رقم ۽ موٽرسائيڪل سميت قيمتي شين کان محروم ٿي ويا. رپورٽ مطابق سٽيزن ڪالوني جي علائقي ۾ نامعلوم هٿياربند سيف الله ميمڻ کان هڪ لک رپيا نقد رقم ڦري فرار ٿي ويا. ڪينٽ ٿاڻي جي حد صدر بازار ۾ هٿياربند يعقوب سينيٽري جي مالڪ محمد يعقوب ميمڻ کان 5 لک رپيا ڦري فرار ٿي ويا. پوليس پوسٽ حسن علي عابدي جي حد ۾ موٽرسائيڪل تي سوار 2 نامعلوم هٿياربند هڪ شخص عزيز الرحمان کان ساڍا 3 لک رپيا ڦري فرار ٿي ويا. اهو واقعو راحت شري وٽ پيش آيو. حالي روڊ ٿاڻي جي حد ۾ 2 هٿياربند اقرا اسڪول جي سامهون هڪ شخص حيدر علي کان 8 هزار رپيا ڦري فرار ٿي ويا. ڦليلي ٿاڻي جي حد ۾ پڃرا پور لوهه مارڪيٽ ۾ ملڪ اسٽيل شاپ مان 3 هٿياربند سفين گل 50 هزار رپيا ڦري فرار ٿي ويا. هٿياربند موٽرسائيڪل تي سوار ٿي آيا هئا. 35 هزار رپيا فريادي وٽ هئا جڏهن ته 15 هزار رپيا سندس دڪان تان ڦريا ويا. هوڏانهن بلديا ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم چور غريب آباد چوڪ وٽ محمد اويس جي موٽرسائيڪل چوري ڪري ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته محمد اويس برياني وٺڻ لاءِ آيو هو. هن جئين ئي گاڏي بيهاري ته چور سندس گاڏي ڪاهي ويا.