دولتپور صفن (ن پ ا) دولتپورصفن ويجهو ڳوٺ صاحب خان ڏاهري واسي مسڪين پورهيت اياز علي ڏاهري گذريل ٽن سالن کان ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا آھي. علاج تي گهر جو الهه تلهه وڪڻڻ بعد نوجوان غربت سبب وڌيڪ علاج ڪرائڻ کان لاچاري سبب بي وسي جي حالت ۾ گهر اندر بيماري جي بستري تي پيل آھي. بيماري کان اڳ پورهيت مزدوري ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي گهر ڀاتين جو پيٽ پاليندو هو. سندس پنجن معصوم ٻارڙن فياض، انيلا، ارم، اسرا ۽ عشاء روئيندي ٻڌايو ته بابا کانسواءِ اسان جو ٻيو ڪو سهارو ناهي سندس بيماري بعد نه رڳو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھيون پر سخت تڪليفن واري زندگي گذاري رهيا آھيون. هنن سرڪار ۽ سرندي وارن کي التجا ڪندي چيو ته خدا جي واسطي اسان جي بيمار بابا جو علاج ڪرائي سندس زندگي بچائي وڃي. جڏهن ته بيمار نوجوان اياز علي ڏاهري ٻڌايو ته مان مسڪين پورهيت ۽ پنهنجي ڀاتين جو اڪيلو سهارو آھيان. پنهنجي بيماري بعد کين تڪليفن ۾ ڏسي ڏاڍو ڏکارو آھيان. چاهيان ٿو ته صحتياب ٿي سندن سهارو بڻجان. هن اپيل ڪندي چيو ته منهنجو علاج ڪرائي مونکان وڌيڪ منهنجي ڀاتين لاءِ اهم بڻيل منهنجي زندگي بچائي وڃي