دنيا ۾ نئين سال جو جشن ملهائڻ لاءِ تياريون عروج تي پهتل

0
126

دنيا ۾ نئين سال جو جشن ملهائڻ لاءِ تياريون عروج تي پهتل

دنيا ۾ نئين سال جو جشن ملهائڻ لاءِ تياريون عروج تي پهچي ويون، نئين سال جو سج سڀ کان پهرين نيوزيلينڊ ۾ اڀرندو، جنهن کان پوءِ آسٽريليا جا شهري نئين سال کي ڀيلڪار چوندا

 نئين سال جي آجيان لاءِ سڊني هاربر تي شاندار آتشبازي ڪئي ويندي، هانگ ڪانگ جي وڪٽوريا هاربر تي آتشبازي سان نئين سال جي آجيان ڪئي ويندي، نئين سال جي موقعي تي ٿائلينڊ جي شاپنگ سينٽر آئيڪون سيام تي آتشبازي ڪئي ويندي

 دبئي جي برج خليفه تان به آتشبازي ڪندي نئين سال جون واڌايون ڏنيون وينديون، برطانيا جا شهري لنڊن ۽ نيويارڪ جي ٽائمز اسڪوائر تي جشن لاءِ گڏ ٿيندا

پاڪستان پاران هن ڀيري فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ نئين سال جون تقريبون سادگي سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي