دنيا ڏانهن وڌندڙ آئيس ايج جو خطرو

0
219
دنيا ڏانهن وڌندڙ آئيس ايج جو خطرو

 ان کان پھرين جو دنيا طرف وڌندڙ آئيس ايج جي خطري جو ذڪر ڪريون، پھريناھو سمجھون ته آئيس ايج آھي ڇا؟سائنس سان لاڳاپيل ماھر چون ٿا ته ھيءَ دنيا جيڪا ھينئر نظر اچي ٿي اھاسدائين ايئن نه ھئي. اھا مختلف تبديلين مان گذري آھي. انھن مان ھڪ تبديليموسمياتي به آھي جنھن کي برفاني دؤر يا Ice age چئجي ٿو. اھو دؤر ان دؤرکي چئجي ٿو جنھن ۾ پوري دنيا جو درجه حرارت گھٽجي وڃي ٿو. اتر قطب ۽ ڏکڻ قطب کان برفن جون تھون پکڙجڻ لڳن ٿيون. ھر شيءَ تي برف پکڙجي وڃي ٿي، ايستائين جو سمنڊن تي به برف ڄمي وڃي ٿي. ھي دؤر ھزارين سالن تائين رھي سگھي ٿو.آئيس ايج ڪيئن شروع ٿيندو آھي؟آئيس ايج دؤران ڪره ارض جي اتر ۽ ڏکڻ حصن ۾ برف جي ٿلھي تھ پکڙجڻ لڳي ٿي. عام طور تي گرمين ۾ برف پگھرجڻ لڳي ٿي البته گرمين ۾ به موسم سبب اھا گھڻي پگھري نه، ته سياري ۾ ان مٿان ٻي برف گڏ ٿيڻ لڳي ٿي. ايئن ڪيئي سالن تائين ٿئي ٿو. ان گڏ ٿيندڙ برف جي وزن سبب گليشيئرز ترڻ لڳن ٿا. کليل ميدانن ۽ چراگاھن ۾ برفاني ڍنڍون ٺھي وڃن ٿيون. جتي ڪٿي گليشيئرز جو تعداد پڻ وڌڻ لڳي ٿو. اتان کان آئيس ايج جي شروعات ٿئي ٿي.محققن موجب دنيا ھيستائين گھٽ ۾ گھٽ آئيس ايج جي پنج دؤرن مان گذري چڪي آھي. اڄ کان 24 ھزار سال آخري آئيس ايج جي شدت انتھا تي پھچي چڪي ھئي. اتر آمريڪا، اتر يورپ ۽ ايشيا جي ڪجھه علائقن ۾ رڳو برف ئي برف ھئي. ماڻھن گرم علائقن ڏانھن لڏپلاڻ ڪئي. اڄ ڌرتي جي يارھن سيڪڙو علائقي ۾ گليشيئرز آھن، جڏھن ته ان آئيس ايج ۾ 30 سيڪڙو علائقي ۾ رڳو برف ئي برف ھئي. ان دؤران ڌرتي جو درجه حرارت 31 ڊگري کان گھٽجي 7 ڊگري ۽ آئيس ايج وارن علائقن ۾ مائينس 6 ڊگري تي پھچي چڪو ھو. آخرڪار اڄ کان 12 ھزار سال پھرين اھو برفاني دؤر پنھنجي اختتام تي پھتو.ارضيات جي ڪيئي ماھرن اڄ کان 200 سال اڳ يورپ جي گليشئرز جي مشاھدي جي دؤران ھن ۾ ڪجھه تبديليون ڏٺيون. آئيس ايج ۾ ناپيد ٿيڻ وارن جانورن جون ھڏيون به اھڙا ثبوت آھن جن مان ارضيات جي ماھرن کي اھو تاثر مليو ته ڌرتي تي اھڙا ڪيئي دؤر گذريا آھن. انھن زمين ۽ پٿرن جو جائزو ورتو ۽ مختلف طرح جون تحقيقون ڪيون، جنھن بعد اھي آئيس ايج يا برفاني دؤر جي مڪمل ثبوتن تائين پھچي ويا. پاڪستان جي ناليواري ترجمي نگار ۽ اديب محترم ياسر جواد پنھنجي سھيڙيل عالمي انسائيڪلوپيڊيا (اردو) ۾ صفحي نمبر 423 تي برفاني دؤرن ۽ انھن جي ٽائيم پيريڊ بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني آھي. ھو برفاني دؤر متعلق لکي ٿو ته ”برفاني دؤرن ارتقا جي تاريخ ۾ ھڪ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. دنيا جي تاريخ ۾ 5 برفاني دؤر گذريا آھن. پھريون ۽ ٻيو برفاني دؤر زميني زندگي جي ظھور ۾ اچڻ کان پھرين ظاھر ٿيا” ھو اڳتي اھو به لکي ٿو ته “ٽِئي برفاني دؤر خشڪي ۽ پاڻي ٻنھي ۾ رھندڙ جانورن ۽ حشرات الارض (ڪيڙن ماڪوڙن يا تمام ريڙھيون پائيندڙ جانور) جو غلبو ختم ڪيو. چوٿين برفاني دؤر مماليه جي ظھور ۾ اچڻ لاءِ حالتون تيار ڪيون. پنجين يا عظيم برفاني دؤر انسان کي حيواني دنيا تي غلبو ڏياريو“موجودہ موسمياتي تبديلين تي ھڪ نظرھن سال 2022ع جي ڊسمبر مھيني ۾ آمريڪا جي وڏي حصي ۾ برفاني طوفان سان تباھي مچي آھي.آمريڪا جي ڪيئي شھرن ۾ برفاني طوفان سبب Zero visibility آھي. گاڏيون برفن ۾ دٻجي ويون، گاڏين ۾ اندر ويٺل ماڻھو ڄمي جان کان ويا. گھرن تي برفن جا تھه چڙھيل آھن. ماڻھو گھرن ۾ محصور بڻيل آھن. اتي شھرن جون حالتون بدتر ٿي ويون. نيو يارڪ، نارٿ ڪرولينا،ورجينيا ۽ ٽينسي برف باري سبب وڌيڪ متاثر ٿيا . ٽيمپريچر مائينس 42 تائين ڪِري پيو آھي. آمريڪا ۾ 20 ڪروڙ کان مٿي ماڻھو متاثر ٿيا آھن. روڊ، ريل ۽ ھوائي سفر معطل آھن. برف جي طوفان سبب ھزارين پروازون معطل ٿي ويون. يورپ ۾ به برف باري ۽ ان نتيجي ۾ ٿڌ سبب مائينس 48 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پھچي ويو.اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ٻڌڻ ۾ آيو ته آمريڪا ۾ برفاني طوفان سبب 70 کان مٿي ماڻھو مئا آھن. گھرن ۽ گاڏين ۾ مئل ماڻھن جا لاش پيل آھن. رڳو چار ڏينھن ۾ آمريڪا ۾ 12 ھزار کان مٿي ھوائي جھازن جون اڏامون ڪينسل ٿي ويون. ايئر پورٽس جا رن وي برف سان ڍڪجي چڪا. ڪيئي شھر بجلي جي سپلاءِ رڪجڻ سبب انڌيري ۾ ٻڏي ويا. عالمي ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيو آھي ته ھي طوفان آمريڪا جي 50 مان 28 رياستن کي پنھنجي پڪڙ ۾ وٺي چڪو آھي. صدي جو سڀ کان ڀيانڪ طوفان آھي. آمريڪا جھڙو سپر پاور بيوسي جي تصوير بڻجي ويو. نيويارڪ اسٽيٽ جي شھر بفيلو ۾ صورتحال ڳڻتي جوڳي آھي ۽ ھيستائين 8 فوٽ برف وسي چڪي آھي. Winter storm سبب بفيلو شھر جو ايئر پورٽ به بند آھي. ماڻھن وٽ کاڌي پيتي جون شيون به کٽي ويون آھن. بفيلو ۾ 14 لکن کان وڌيڪ گھر متاثر ٿيا آھن. آمريڪا وانگر ڪينيڊا برطانيا ۽ جاپان جو به برو حال آھي. عالمي ميڊيا ۾ ٽن وڏن کنڊن (براعظمن) آمريڪا کان يورپ ايشيا ۾ Freezing fear جون تصويرون نظر اچن ٿيون. قدرت اڳيان دنيا جون وڏيون وڏيون طاقتون بيوس آھن، برف باري سبب ڏينھن ۾ ئي رات جا منظر ڇانيل آھن. اتي زندگي پوري طرح رڪيل آھي. موسميات جي ماھرن موجب اھڙي طرح جا طوفان سمنڊن جي مٿي ھوندا آھن پر اھي زمين تي بم وانگر وسي ويندا آھن ۽ تباھي آڻيندا آھن.حيرت ته ان ڳالھه تي به آھي جو، ھن ئي سال ڪويت جھڙي نھايت گرم ملڪ ۾ به ڳڙن جو مينھن وسيو آھي، جتي ھر طرف برف جو ئي منظر آھي. چلي مان ٽي.وي اسڪرين تي فوٽيجز ڏسڻ ۾ آيا جتي ھڪ وڏو برفاني جبل ڦاٽو. جيڪو گھري کائي ۾ ڪريو.نه فقط اھو پر ميڊيا رپورٽس موجب گڏيل عرب امارتن، سعودي عرب سميت ٻين ھنڌن تي برف باري ٿي آھي.ھيءَ ته ھن سال جي صورتحال آھي پر گذريل سال به دنيا جي ڪيئي حصن ۾ شديد برف باري ٿي. ايستائين جو سعودي عرب ۽ مصر سميت عرب خطي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ برف باري ٿي ھئي. انھن مڙني حالتن جو جائزو وٺي ڏسجي ٿو ته باقاعدہ سنجيدہ سوال اڀرن ٿا ته ڇا موسمن ۾ ٿيندڙ غير متوقع ۽ خطرناڪ تبديلين سبب دنيا ۾ آئيس ايج جو نئون دؤر ته شروع ٿيڻ وارو نه آھي؟ يا ڪٿي ايئن ته نه آھي دنيا جي در تي آئيس ايج جو دؤر دستڪ ڏئي رھيو آھي؟ڏسجي ته دنيا ۾ موسميات جا ماھر ۽ سائنسدان عالمي درجه حرارت (Global warming) جي پيشن گوئي ڪري رھيا ھئا، پر بدلجندڙ موسمي حالتون ته اڃان ٻي ڪجھه ڪھاڻي ئي ٻڌائين پيون. ڪٿي ايئن ته نه آھي جو دنيا گلوبل وارمنگ جي مسئلي جي حل طرف نگاھون ڪيون پر موسم جي تبديلي اڃان ٻي رخ ۾ ھلي وئي؟ سچ اھو آھي ته نھايت گرم ملڪن ۾ برف باري جي ٿيڻ ۽ ٿڌ وارن ملڪن ۾ خوفناڪ برف باري مان آئيس ايج جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگھجي. جيڪڏهن آئيس ايج کي ڪا فرضي شيءَ سمجھي توجھه نه ڏجي ۽ اھا واقع ٿي وڃي ته ھڪ لمحي لاءِ سوچيو ڇا ٿيندو؟ اتر وارو ڪره ارض جتي انساني آبادي جو 70 سيڪڙو ۽ خشڪي وارو علائقو آھي ۽ جتي 70 سيڪڙو زراعت جي پوکي ٿئي ٿي. جڏھن ته ڏکڻ ڪره ارض 30 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ انساني آبادي توڙي زراعت تي مشتمل آھي. آئيس ايج جي صورت ۾ ڌرتي جو اتر وارو علائقو متاثر ٿيندو. غذائي بحران به الڳ آفت جو ڏيک ڏيندو. ظاھري ڳالھه آھي سڄي دنيا متاثر ٿيندي. ڪالم نگار رضوان چوھاڻ پنھنجي لکڻي “آئيس ايج ڪا منڊلاتا خطرہ” ۾ لکي ٿو ته “انھي دوران پاڪستان جي ساحلي علائقن ۾ ھن جي شدت گھٽ ھوندي پر ھتي به درجه حرارت مائينس ۾ ھليو ويندو. پوري پاڪستان ۾ ڪراچي برفاني دؤر ۾ گھٽ ٿڌو ٿيندو پر انھي دؤران عرب جزيرو ۽ آفريڪي صحارا جا صحرا سرسبز و شاداب ٿي ويندا پر ان دوران زلزلا ظاھر ٿيندا. بي شمار سونامي ڪنارن سان ٽڪرائبا. ٻرندڙ جبلن جي سلسلي جي جاڳڻ جا به امڪان رھندا جنھن سان آئيس ايج جي شدت ۾ واڌارو ٿيندو. خط استوا تي موجود پوک جي قابل ايراضي به پوک قابل نه رھڻ جو خطرو ھوندو“. ليکڪ محترم رضوان چوھاڻ دنيا جي موسميات جي ماھرن ۽ سائنسدانن جي گلوبل وارمنگ واري ڳالھه کي شڪ جي نگاھه سان ڏسي ٿو ته ڪٿي اھي ماھر گلوبل وارمنگ جي ڳالھه ڪري ڄاڻي واڻي غلط اندازا لڳائي دنيا جي توجھه اصل خطري تان ته نه ھٽائي رھيا آھن؟ خير، موسمن ۾ ظاھر ٿيندڙ خوفناڪ تبديلين طرف ڌيان ڪرڻ جي گھڻي ضرورت آھي. حڪومتن کي شھرين کي ھنن نون موسمياتي خطرن کان واقفيت وٺرائڻ خاطر سجاڳي (Awareness) پيدا ڪرڻ جي ضرورت آھي. احتياطي تدبيرن سکڻ ۽ مختلف صلاحيتون حاصل ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺرائڻ گھرجن، جنھن ۾ ڪو حرج ته نه آھي.ڇوته جھڙي ريت ٽن وڏن کنڊن (خصوصن آمريڪا، ڪينيڊا، جاپان ۽ برطانيا سميت ٻين ملڪن ۾) ايڏي پيماني تي برف باري ۽ سردي ۾ واڌاري توڙي دنيا جي صحرائن وارن علائقن ۾ برف باري جي ڪنھن توقع ئي نه ڪئي، تھڙي ريت آئيس ايج جي توقع نه ڪرڻ يا ان خطري کان لاتعلق رھڻ به فائدي مند نه آھي. بھرحال موجودہ موسمياتي تبديلين کي ڏسي اھو چئي سگھجي ٿو ته ڌرتي آئيس ايج ڏانھن وڌي پئي، جنھن جا ظاھر ٿيندڙ ڪيئي آثار خود ان جو اظھار ڪري رھيا آھن. جيڪي بخوبي سمجھي ۽ پرکي سگھجن ٿا..!!