دبئي (دلچسپ نيوز)گڏيل عرب امارتن جي ٻيٽ مروح مان هٿ ٿيندڙ دنيا جوسڀ کان پراڻو 8 هزار سال قديم خوبصورت ۽ نادر موتي نمائش لاءِ پيش ڪيو ويو آهي.ميڊيا رپورٽ موجب گڏيل عرب امارتن جي ثقافت ۽ سياحت کاتي ابوظهبي جي ويجهي واقع ٻيٽ مان دنيا جو سڀ کان پراڻو موتي هٿ ڪيو هو.اختيارين جو چوڻ آهي ته اهو موتي 8 هزار سال پراڻو آهي جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته قيمتي موتين جو استعمال 8 هزار سال اڳ به ٿيندو هو. هٿ آيل اهو قديمي موتي نمائش لاءِ پيش ڪيو ويو آهي.