دمشق ۾ ايراني سفارتخاني تي اسرائيلي حملي جا ڪارڻ ۽ مقاصد

0
42
دمشق ۾ ايراني سفارتخاني تي اسرائيلي حملي جا ڪارڻ ۽ مقاصد

 پھرين اپريل 2024ع تي اسرائيل شام جي گادي واري شھر دمشق ۾ ايراني سفارتخاني تي فضائي حملو ڪيو، جنھن ۾ 16 ماڻھون مارجي ويا. انھن مارجي ويلن ۾ ايران جا 7 فوجي جن ۾ ايراني القدس فورس جو ھڪ جنرل محمد رضا زاھدي ۽  سندس نائب محمد ھادي حاجي رحيمي ۽ ٻيا سينئر فوجي آفيسر بہ شامل ھئا . ان حملي ۾ جتي جاني نقصان ٿيو آھي، اتي سفاررخانن کي مليل عالمي تحفظ واري معاھدي جي بہ ڀڃڪڙي ٿي. ان حوالي سان  سن 1961 ۾ ويانا ڪنوينشن جي  معاھدي تي سفارتڪارن ۽ سفارتخانن کي تحفظ ڏيڻ جي عالمي معاھدي تي دنيا جي اڪثر ملڪن جون صحيحون ٿيل آھن. ان دستاويزي عھد ھيٺ مليل تحفظ ڪري ئي قومن جا سفارتڪار ٻين ملڪن ۾ تحفظ  واري احساس ھيٺ رھن ٿا. جن پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ يا  جھڙپون  ٿين ٿيون اتي تہ مقامي سرڪار سفارتخانن ۽ سفارتي عملي کي تحفظ ڏيڻ جي پابند آھي. لڙائي ٿيڻ جي  صورت ۾ بہ سفارتڪارن  کي ملڪ مان نڪرڻ لاءِ محفوظ رستو ڏنو ويندو آھي.

ماضي ۾ ان ئي معاھدي جو سھارو وٺي طاقتور ملڪن پنھنجا ڪي ڏوھي بہ آزاد ڪرايا آھن. ويجھي ماضي ۾ ريمنڊ ڊيوس جو مثال آھي جنھن پاڪستان ۾  روڊ تي سفر ڪندي پنھنجي گاڏي جي ويجھو ڪن موٽر سائيڪل سوار ٻن ماڻھن تي سڌا فائر ڪري کين قتل ڪيو ھو. تنھن کي آزاد ڪرائڻ ۾ آمريڪي عملدارن جو اھو موقف ھو تہ ھو سفارتخاني جي ڪم سان لاڳاپيل ھئڻ ڪري سفارتي تحفظ جو حقدار آھي. پوءِ دنيا ڏٺو تہ ڪيئن اھي ڏينھن ڏٺي جيل مان سڌو ھوائي جھاز ۾ چڙھي پنھنجي وطن روانو ٿيو ھو. جيتوڻيڪ ھو سفارتخاني جو باقاعده ملازم ڪونہ ھو پر اھو بھانو ڪيو ويو تہ ھو سفارتخاني جي ڪم ڪار لاءِ آيل ھو، سو پڻ ساڳئي سفارتي رعايت جو حقدارآھي. ان معاملي ۾ جتي سفارتي تحفظ جو سھارو ورتو ويو ويو، اتي ان ماڻھوءَ جو طاقتور ملڪ سان تعلق ھجڻ ۽ ھن جي آزادي لاءِ ان عالمي بالادست قوت جو دٻاءُ مکيہ عنصر نظر آيو.

ان ويانا معاھدي جي موجودگي ۽ عمل ۾ ھجڻ جي باوجود دمشق ۾ ايراني سفارتخاني تي ڇو حملو ڪيو ويو؟ ان غير معمولي قدم کڻڻ  وقت اسرائيل  اڄ جي سجاڳ دنيا جي ردعمل جي پرواھ  ڇونہ ڪئي؟ ان تي دنيا جي ترقي يافتہ ملڪن جو نالي ماتر ردعمل جو سبب ڪھڙو ھو؟ ان سان غزھ ۾ ھلندڙ فلسطينين جي نسل ڪشي وارن حملن ۽ مڊل ايسٽ جي سياسي صورتحال جو ڪھڙي اثر پوڻ جا امڪان آھن؟ اسرائيل کي ڪنھن جو خوف ڇو ڪونھي، جو ھو اھڙو جارحاڻو انداز اختيار ڪري ٿو؟ اھي سڀ پنھنجي واسطيدار ۽ اھم سوال آھن. ڏٺو وڃي تہ آمريڪا دھشتگردي خلاف ويڙھ جي بھاني دنيا جي ڪنھن بہ ملڪ ۾ ان جي سرحدن جي تقدس جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪا نہ ڪا واردات ڪندو رھي ٿو، ايئن اسرائيل وري پنھنجي بچاءُ جي نالي ۾ ٻين ملڪن اندر حملا ڪري ٿو. ڪٿي ھو ٻين ملڪن اندر مخالفن کي قتل ڪرائي ٿو.

22 مارچ 2024ع واري ڏينھن ماسڪو شھر جي پسگردائي واري شھر ڪراسنوگورسڪ جي ھڪ ميوزڪ ڪنسرٽ ھال ۾ پروگرام وقت  ٿيل دھشتگرد حملو جنھن ۾ وڏي رتو ڇاڻ ٿي ۽ 135 ماڻھون قتل ٿيا، تنھن تي آمريڪي وائيٽ ھائوس جي ترجمان جان ڪربي پريس بيان ڏيندي چيو تہ اسان ان واقعي کان ٻہ ھفتا اڳ اسان لکت ۾ روس کي ان حملي جي خطري کان اڳواٽ آگاھ ڪيو ھو. پر دمشق جي سفارتخاني جي حملي تي اھو بيان تہ آمريڪي حڪومت کي ان حملي جي باري ۾ اڳواٽ ڪا خبر ڪونہ ھئي. ڌيان طلب ڳالھ اھا آھي تہ روس جي اندر ان غير متوقع حملي جي خبر آمريڪا کي اڳواٽ پئجي ويئي پر اسرائيل جي غزھ جي ماڻھن سان 7 آڪتوبر 2023 کان ھلندڙ لاڳيتي ويڙھ، شام جي حڪومت سان سڌيون جھڙيون جيڪي باقاعده لڙائي جو ڏيک آھن ۽ ايران آمريڪا ۽ اسرائيل سان سرد لڙائي جيڪا سالن کان جاري آھي، سو تہ گرم معاملو آھي پر آمريڪا جنھن جي جاسوس جو نيٽ ورڪ تمام گھڻو مضبوط آھي، تنھن کي اسرائيل جھڙي ويجھي ساٿي جي فوجي ڪاررواين جي خبر ئي نہ پئي، سو ان بيان کي مشڪوڪ بڻائي ٿو..

اسرائيل ۽ ايران جيڪي ھڪ ٻئي جا کليل دشمن آھن پر سندن سرحدون ڪونہ ٿيون ملن، تنھنڪري منجھن سڌي ويڙھ ڪونہ ٿي آھي. ان ڪري ھو ھڪ ٻئي تي اڻ سڌا حملا ڪندا يا ڪرائيندا رھن ٿا. اسرائيل تي ايران جي ائٽمي سائنسدانن تي خوني حملا ڪرائڻ، ايرن اندر دھشتگردن کي منظم ڪرڻ سان گڏ ڪن فوجي صنعتن  تي سائبر حملا ڪرائن جا الزام آھن. ٻئي طرف ايران پنھنجي القدس برگيڊ کي شام ۽ ٻين ملڪن ۾ منظم ڪيو آھي. ان برگيڊ کي چٿڻ نالي ۾ اسرائيل شام جي ڪيترن ٺڪاڻن تي حملا ڪيا آھن. ھي حملو بہ ان سلسلي جي ڪڙي  نظر اچي ٿو. ان سان گڏ يمن جي حوثي جنگجوئن تي پڻ ايراني مدد ۽ حمايت جو الزام ھنيو وڃي ٿو.

ڪجھ وقت اڳ سلامتي ڪائونسل جي پنجن مستقل ميمبرن گڏجي ايران سان ھڪ معاھدو ڪيو ھو، جنھن ۾ ايران جي يورينيم جي تياري کي ھڪ حد تائين محدود رکڻ جي ڪوشش ھئي. مکيہ مقصد ايران کي ائٽمي طاقت ٿيڻ کان روڪڻ ھو. دلچسپ ڳالھ اھا ھئي تہ ايران جو اھڙو رستو روڪيندڙ سڀ اھو عمل ڪري چڪا ھئا ۽ ڪندا رھن ٿا.  The Joint Comprehensive Plan of Actionجي عنوان ھيٺ ڪيل ان معاھدي تي اسرائيل خوش ڪونہ ھو. ھن جو خيال ھو تہ ان سان ايران تي معاشي جي پابندين ھٽڻ ڪري ايران وري ترقي ڪرڻ لڳندو. ان جي لاڳيتي ڪوشش ھئي ڪنھن بھاني آمريڪا ايران تي حملو ڪري ان کي مفلوج بڻائي تہ جيئن وچ ايشيا ۾ اسرائيل جو طاقتور دشمن بيحد ڪمزور ٿي وڃي. تنيجي ۾ اتي بہ اڪثر عرب ملڪن وانگرڪمزور حڪومت قائم ٿئي.

ايران جي فوجي قوت جنھن ۾ تازو ڊرون ۽ ميزائيل ھٿيان جو واڌارو ٿيو آھي، تنھن سبب ملڪ طرفان حملي جي صورت ۾ سخت مزاحمت ٿيڻ جو اندازو آھي. اڳ جديد ھٿيارن جي زور تي فوجي قوت چند ملڪن وٽ ھئي، تنھن جو توازن بدلجي رھيو آھي. اھو ئي سبب آھي جو يوڪرين ۽ روس جي ويڙھ ۾ استعمال ٿيل ڊرونز ۾ سڀ کان موثر ترڪي ۽ ايران جا ڊرون ھئا. ان ڪري ئي مغربي پريس جي گھوڙا گھوڙا آھي تہ ايران روس کي پنھنجا ڊرون ڏئي رھيو آھي، جيڪي يوڪرين جي ويڙھ ۾ استعمال ٿي رھيا آھن. ايران جي ائين ڌر ٿيڻ تي بہ آمريڪا ان تي سڌي حملي کان لنوائي رھيوآھي.

تازو اسرائيل جو دمشق ۾ ايراني سفارتخاني تي حملي جو ھڪ مقصد لڙائي جو دائرو مڊل تائين وڌائي ايران کي سڌو لڙائي ۾ ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ٿو لڳي. ايران ھڪ فوجي پاور بڻجي ويو آھي، جنھن وٽ ھاڻي اھڙا ڊرون ۽ ميزائيل آھن جن جي مار اسرائيل تائين ممڪن آھن پر اسرائيل کي يقين آھي تہ آمريڪا ۽ مغربي ملڪ سندس بچاءُ ڪري وٺندا. جيئن تازو يمن جي حوثين طرفان فائر ڪيل ميزائيل آمريڪي جنگي ٻيڙن جيڪي ان مقصد لاءِ ڀونوچ ۽ ڳاڙھي سمنڊ ۾ بيھاريا ويا آھن، تن تي موجود ميزائيل شڪن نظام ذريعي ڪيرايا ويا. ھڪ طرف آمريڪا اسرائيل کي ھٿيار ڏئي ان جي فوجي قوت وڌائي رھيو آھي، جنھن سان  ھو غزھ جي باشندن، پاڙيسري ملڪن لبنان ۽ شام تي لاڳيتا حملا ڪندو رھي ٿو. ان ويڙھ ۾ مغرب کي اھو يقين آھي تہ اھي ڪمزور پاڙيسري ملڪ اسرائيل جو ڪجھ بگاڙي نہ ٿا سگھن پر جڏھن ڪا ڌاري قوت ان لاءِ خطرو بڻجي ٿي تہ آمريڪا ۽ مغربي ملڪ ان جي تحفظ لاءِ سڌا فوجي اقدام ڪندي نظر اچن ٿا. ان حملي جو ٻيو مقصد وچ ايشيا جي ملڪن کي اھو پيغام ڏيڻ بہ ھو تہ اسرائيل ڪنھن حد تائين بہ وڃي سگھي ٿو. ان جي آڏو اخلاقي ۽ قانوني حدون بي معنا آھن. ٻيو تہ آمريڪا ۽ مغرب ھر حال ۾ سندس ساٿاري آھن، جيڪي سندس طرفان جارحيت ڪرڻ جي باوجود بہ ساڻس گڏ ھوندا. ان ڪري ان سان دشمني جو مطلب آھي مغربي ملڪن۽ آمريڪا سان دشمني جي برابر آھي.

درست چوڻي آھي تہ پيار ۽ لڙائي ۾ سڀڪجھ جائز آھي. اھو ئي نظر پيو اچي جو اسرائيل آمريڪا جي سرپرستي ۾ سڀ حدون اورنگھي رھيو آھي. جيڪڏھن اھڙو عمل ڪنھن مغربي ملڪن مان ڪنھن سان ٿئي ھا يا ڪنھن اھڙي ملڪ سان ٿئي ھا جيڪو مغرب جو من پسند ھجي تہ ھن معاملي کي وڏي اھميت ملي ھا. پر ايران سان ٿيل ان ڏاڍائي تي نالي ماتر احتجاج ٿيو، ڪنھن مذمت ڪئي بہ تہ اھا رسمي ۽ چونڊيل لفظن ۾. ايستائين جو سلامتي ڪائونسل ۾ بہ ان کي نظرانداز ڪرڻ وارو رويو اختيار ڪيو ويو. آمريڪا، فرانس ۽ انگلينڊ جيڪي مھذب دنيا جا مھندار سمجھيا وڃن ٿا، تن جي ان بحث ۾ ڪا دلچسپي نظر نہ آئي. جيتوڻيڪ اھو مظبوط موقف آھي تہ ھڪ ڀيرو اھو سلسلو ھلي پيو تہ پوءِ ڪنھن ملڪ جو سفارتخانو محفوظ نہ رھندو. ھو شايد طاقت جي انڌ ۾ سمجھن ٿا تہ اسان سان اھو سڀڪجھ ڪوئي ڪونہ ڪري سگھندو، باقي جھان سان ٿئي ٿو تہ اھو بہ مخالفن سان تہ ڀلي وڃي ٿئي.

ڏھاڪن کان ھلندڙ سرحدي جھيڙن، جھڙپن ۽ لڙاين ۾ طاقتورن ملڪن جي پاليسين کي ڏسندي اھو چوڻ درست ٿيندو تہ طاقتورن لاءِ اڄ بہ جهنگ وارو قانون وائيٽ ڪالر ڪرائيم جي ڍڪ ۾ ھلي ٿو. سڀ قاعدا قانون ۽ شرافت جا سبق ڪمزور ماڻھن ۽ ملڪن کي پنھنجي پاڻ کي تسلي ڏيڻ لاءِ جوڙيا ويا آھن..