دادو: محمد شاھه ڪالوني مان مبينا طور 8ورهين جي نينگري اغوا  

0
290

دادو (رپورٽر) دادو شهر جي محمد شاھه ڪالوني مان 8ورهين جي نينگري پوپري ڌيءُ شيرل سولنگي مبينا طور اغوا  ٿي وئي، وارثن پريس ڪلب آڏو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪيو، احتجاج ڪندڙن چيو ته 8ورهين جي پوپري ٻارڙن سان سان گڏ راند کيڏي رهي هئي ته کيس عورت ۽ مرد اغوا ڪري کڻي ويا، اي سيڪشن ٿاڻي تي اين سي رپورٽ داخل ڪرائي پر نينگري جي بازيابي لاء مدد نه ٿي ڪري.