لاڙڪاڻو: قتل جي ڏوهه ۾ جوابدار کي عمر قيد جي سزا

0
264

لاڙڪاڻو (رپورٽر) لاڙڪاڻي جي ٿرڊ ايڊيشنل سيشن ۽ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج نياز حسين سومرو جي عدالت ۾ 2017ع ۾ قتل ٿي ويل نوجوان ساجد علي جتوئي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت جوابدار سلمان جتوئي کي عمر قيد ۽ 50 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. سال 2017 ۾ پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان ساجد علي جتوئي کي قتل ڪيو هو، ڪيس مقتول جي پيءُ مظهر علي جتوئي جي فرياد تي سلمان جتوئي سميت 5 جوابدارن مٿان داخل ڪرايو هو.