خيرپور ۾ هاڪي ليگ جو دنگل: افتتاحي ميچ ۾ ڪنگز هٿان ٽائيگرز کي شڪست

0
163

خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ھاڪي ايسوسيئيشن پاران بخت علي ڏھوٽ ھاڪي اسٽيڊيم لقمان ۾ سيد علي قدر شاھ زيديءَ جي ياد ۾ سيون سائيڊ ھاڪي ليگ منعقد ڪئي وئي، جنهن جي افتتاحي ميچ ۾ خيرپور ڪنگز ۽ خيرپور ٽائيگرز وچ ۾ دلچسپ مقابلو ٿيو، جيڪو خيرپور ڪنگز 5-4 تان کٽي ورتو. خيرپور ڪنگز طرفان ميثم عباس 2، حيدر علي، محمد زيد علي ڏھوٽ ۽ ڪاظم عباس 1-1 گول ڪيو. خيرپور ٽائيگرز پاران حسين عباس، علي سفيان، احمد مغيرا، مصعب علي 1-1 گول ڪيو. افتتاح کان اڳ سيد علي قدر شاھ ۽ اولمپيئن نويد عالم جي لاءِ مغفرت جي دعا گهري وئي.