خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ سنڌ ڪاليج گيمز انٽر ڪاليجيٽ  ٽيبل ٽينس ۽ بيڊمنٽن  بوائز جا مقابلا ٻئي ڏينهن به جاري رهيا. ٽينس ۾ ڊگري سائنس ڪاليج گمبٽ جي ٽيم سخت مقابلي کان پوءِ بوائز ڊگري  ڪاليج پير جو ڳوٺ کي 2-0 تان شڪست ڏئي ڇڏي. ٻي ميچ ۾ سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور سخت مقابلي کان پوءِ سچل سرمست ڊگري ڪاليج راڻيپور کي 2-0 تان شڪست ڏني. فائنل ميچ سپريئر سائنس ڪالج خيرپور ۽ ڊگري سائنس ڪاليج گمبٽ وچ ۾ کيڏيو ويو جيڪو ڊگري سائنس ڪاليج گمبٽ2-0 تان کٽي ورتو.