خيرپورناٿن شاه (ن پ ا) خيرپورناٿن شاه چنا موري ڀرسان جوهي بئراج جي ڪپ تي ويٺل سومر چانڊيو جو ٽن ورهين جو پٽ شھباز جوهي بئراج ۾ پير ترڪڻ سبب ٻڏي ويو. ٻارڙن جي رڙين دانهن تي گهر ڌڻي ڳوٺاڻا جوهي بئراج ۾ لهي نينگر جي ڳولها ڪئي، ٻن ڪلاڪن بعد نينگر جو لاش جوهي بئراج مان هٿ آيو. ڳوٺاڻن ۽ وارثن لاش ڪڍي گهر آندو ته گهر ۾ قهرام مچي ويو. امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا ڳوٺ ۾ سوڳ ڇائجي ويو. رابطي تي ٻورڙي ٿاڻي جي ايس ايچ او بشير لاکير ٻڌايو ته جوهي بئراج جي ڪپ تي ويٺل ڳوٺاڻي سومر چانڊيو جو پٽ ٽن ورهين جو شھباز چانڊيو راند ڪندي جوهي بئراج ۾ پير ترڪڻ سبب ٻڏي ويو ڳوٺاڻن جوهي بئراج ۾ نينگر جي ڳولها بعد لاش ھٿ ڪيو آھي.