خوشين کي هن ديس جا دڳ وسري ويا آهن

0
66
آبپاشي عملدارن جي غفلت سبب سکر بئراج کي پهتل نقصان

اڄ عيدالفطر جو ڏهاڙو آهي. عيد خوشين جو ڏڻ آهي. عيد خوشيءَ جو استعارو آهي. عيد مذهبي رنگ سان گڏوگڏ هڪ سماجي تهوار پڻ آهي. ان جي ثقافتي حيثيت پڻ آهي. عيد ڪن ماڻهن لاءِ اڻ ميون خوشيون آڻي ٿي پر ڪي ماڻهو اڻهوند ۾ عيد جو اداس ڏهاڙو گذارين ٿا. عيد جن وٽ اڻهوند ۾ اچي ٿي، جن وٽ عيد ملهائڻ لاءِ سواءِ لڙڪن جي ٻيو ڪجهه به ڪونهي، انهن کي پنهنجين خوشين ۾ شريڪ ڪرڻ جو ڏينهن آهي. انهن جي سار لهڻ جو ڏينهن آهي. پنهنجين خوشين مان ڪجهه پل ان مفلس خلق سان به شيئر ڪرڻ جو ڏينهن آهي، جن جي زندگي اهنجن جي تتل رڻ پٽ ۾ گذري رهي آهي. جن جي زندگيءَ ۾ خوشين جو گذر ڪونهي. اسان عيد جي ڏهاڙي تي پنهنجن پڙهندڙن کي عيدالفطر جون واڌايون ڏيون ٿا.

عيد جو تصور خوشين سان جڙيل آهي. خوشي عيد جو روح آهي. خوشيءَ کانسواءِ عيدون بي روح آهن ۽ صرف  هڪ رسم بڻجي رهجي وينديون آهن. خوشين جو تعلق خوشحاليءَ سان آهي. خوشيون خوشحاليءَ جي رٿ تي چڙهي اينديون آهن. جنهن ديس کان خوشحالي کسجي ويندي آهي، ان کان خوشيون به رسي وينديون آهن. قديم تاريخ ۾ سنڌ جي خوشحال ديس واري سڃاڻپ رهي آهي پر پوءِ اها خوشحالي قذاقيءَ ۽ ڌاڙيواليءَ جي ور چڙهي وئي. توڙي جو سنڌ وسيلن سان مالا مال آهي پر اهي وسيلا عوام جي خوشحالي لاءِ خرچ نٿا ٿين. اهو ئي سبب آهي جو خوشحالي هن ديس جو پراڻو قصو بڻجي وئي آهي ۽ خوشين کي هن ديس جا دڳ وسري ويا آهن. هتي اداسي مستقل طور تي آکيرا اڏي ويهي رهي آهي. جڏهن به دولت ٿورڙن هٿن ۾ گڏ ٿي ويندي آهي ته اڪثريت کي مفلسي ۽ اڻهوند کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ۽ هن ساڻيهه جي اڪثريت عيد ته پري جي ڳالهه، عام ڏينهن ۾ به گرهه ڀور لاءِ سڪي ٿي. انهن ماڻهن لاءِ عيد بي معنا بڻيل آهن. هڪڙا ماڻهو اهڙا آهن، جن لاءِ سال جا 365 ڏينهن عيد جا ڏينهن آهن، انهن کي زندگيءَ جي هر نعمت ۽ آسائش ميسر آهي. اڻهوند ته پري جي ڳالهه، نا مهربان موسمون به انهن جي ڀر مان نٿيون گذرن. ٻيا اهي ماڻهو آهن، جيڪي سڄي سال ۾ عيد وارن ٻن ڏهاڙن لاءِ به پنهنجن ٻچن لاءِ خوشين جا ڪجهه پل خريد ڪري نٿا سگهن. دنيا جي ملڪن ۾ خاص ڏڻن، ڏهاڙن ۽ تهوارن تي عام واهپي جي شين جا اگهه گهٽايا ويندا آهن ته جيئن غريب غربي جي به زندگيءَ جي ضرورتن تائين رسائي ممڪن بڻجي سگهي ۽ اهي خوشيءَ جا اهي ڏڻ ملهائي سگهن پر اسان جي ملڪ جي حڪمرانن جي حالت اها آهي جو انهن جو وس پڄي ته ماڻهن جي ساهه کڻڻ تي به ٽيڪس لڳائي ڇڏين. هونئن ته رمضان المبارڪ جو سڄو مهينو هوش ۽ حواس وڃائيندڙ مهانگائي رهي آهي ۽ حڪومت ان مهانگائيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ ته پري جي ڳالهه، پاڻ به وقت بوقت ان واهڙ مان هٿ ڌوئندي رهي آهي. تازو وري عوام کي عيد جو تحفو ڏيندي بجليءَ جي اگهه ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي. جڏهن اهڙي صورتحال هجي ته ماڻهن جي رسائي خوشين جي ٻن پلن تائين ڪيئن ٿي سگهندي!

عيد جو چنڊ ته ڏسجي ويو آهي پر سنڌ ۾ امن جو سج اڀري نه سگهيو آهي. هن وقت به 40 کان وڌيڪ ماڻهو ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آهن. اڄوڪي عيد جي ڏهاڙي تي اهي ڌاڙيلن جي دهشت سهندي گذاريندا. انهن جي گهرن ۾ اداسي ڇانيل هوندي. انهن جي وارثن جي ديد در ۾ هوندي. انهن جي گهرن ۾ روڄ راڙو هوندو. انهن جا معصوم ٻچڙا لڙڪن جا مينهن وسائيندا هوندا. عوام جي تحفظ لاءِ ذميوار پوليس کي انهن معصوم ٻارڙن جي لڙڪن ۾ ٻڏي مرڻ گهرجي.

اڄوڪي عيد ڏهاڙي تي عيد نماز جا اجتماع ٿيندا. ماڻهو هڪٻئي سان عيد ملڻ ويندا ۽ دهشتگرديءَ جي ان بالادست ماحول ۾ امن ۽ سڪون جون ويري قوتون پنهنجن مذموم ارادن جي تڪميل ڪري سگهن ٿيون، ڇو ته اهي اجتماع انهن جي لاءِ آسان هدف آهن. ان ڪري سنڌ حڪومت کي فول پروف سيڪيورٽي جا انتظام ڪرڻ گهرجن. عيد واري ڏهاڙي تي ماڻهو سمنڊ سميت مختلف هنڌ تي تفريح لاءِ ويندا آهن ۽ هر سال گهري پاڻي ۾ وڃڻ جي ڪري ڏکوئيندڙ واقعا پڻ جنم وٺندا آهن. هن ڀيري حڪومت کي ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن عيد جي خوشين واري ڏهاڙي تي ڪنهن گهر ۾ ماتم برپا نه ٿئي.