ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ خوراڪ کاتي جون اختياريون پوڻا 2 مهينن دوران رڳو 59 سيڪڙو ٽارگيٽ مس حاصل ڪري سگهيون اختيارين جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن. رڳو 59 سيڪڙو خريداري مڪمل ٿي سگھي آهي. ٽارگيٽ پورو ڪرڻ لاءِ جون مهيني ۾ به خريداري جاري رکڻ ۽ ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙ واپارين خلاف ڪاروائي ڪري ڪڻڪ ضبط ڪرڻ جو فيصلو، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ خوراڪ کاتي ڪڻڪ جو امدادي اگھه 2 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ باوجود خريداري وارو 14 لک ٽن ٽارگيٽ پورو ناهي ڪيو ، حيدرآباد ڊويزن جي 9 ضلعن حيدرآباد، مٽياري، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، بدين، ٺٽو، سجاول‏، دادو ۽ ڄامشوري ۾ مجموعي طور تي 2 لک 41 هزار ٽن خريداري جو حدف مقرر هو ، جن وقت تائين ڄاڻايل ضلعن ۾ مجموعي طور تي هڪ لک 60 هزار 741 ٽن خريداري ڪئي وئي آهي جيڪا مقرر ڪيل حدف جو 76 سيڪڙو بڻجي ٿي. ميرپورخاص ڊويزن جي 3 ضلعن ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر لاءِ مجموعي طور تي 42 هزار 80 ٽن حدف مقرر ڪيو ويو هو ، هن وقت تائين 38 هزار 617 ٽن خريداري ڪئي وئي آهي جيڪو مقرر حدف جو 90 سيڪڙو بڻجي ٿو. سکر ڊويزن جي3 ضلعن سکر، گھوٽڪي ۽ خيرپور لاءِ مجموعي طور تي 3 لک 57 هزار ٽن جو ٽارگيٽ مقرر ٿيل هو، هن وقت تائين 2 لک 2 هزار 262 ٽن خريداري ڪئي وئي آهي، جيڪا مقرر ٽارگيٽ جو 57 سيڪڙو ٿئي ٿي. لاڙڪاڻي ڊويزن جي 5 ضلعن لاڙڪاڻو، قمبر ، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪشمور جي 3 لک 51 هزار 200 ٽن ٽارگيٽ مان 2 لک 13 هزار 653 ٽن جي خريداري ڪئي وئي آهي جيڪا ٽارگيٽ جو 61 سيڪڙو ٿئي ٿي. شهيد بينظير آباد ڊويزن جي 3 ضلعن شهيد بينظير آباد، سانگهڙ ۽ نوشهروفيروز ۾ 4 لک 80 هزار ميٽرڪ ٽن جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو ويو هو، هن وقت تائين رڳو 2 لک 13 هزار 71 ٽن ڪڻڪ جي خريداري ٿي سگھي آهي، جيڪا مقر ڪيل حدف جو 52 سيڪڙو بڻجي ٿي. ذريعن موجب سنڌ خوراڪ کاتو مجموعي ٽارگيٽ جو 59 سيڪڙو ڪڻڪ خريد ڪري سگھيو آهي. خوراڪ کاتي جي اختيارين پاران ڪڻڪ خريداري جو 14 لک ٽن وارو حدف مڪمل ڪرڻ لاءِ جون مهيني ۾ خريداري وارو عمل جاري رکندي ذخيرا اندوزن خلاف ڪارروايون ڪري ذخيرو ڪيل ڪڻڪ ضبط ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.