خوابن کي هيڪ ڪندڙ ڊوائيس تيارڪرڻ جي دعويٰ

0
376

نيويارڪ (دلچسپ نيوز)هن وقت تائين رڳو ڪمپيوٽر، ليپ ٽاپ ۽ موبائل ڊيٽا هيڪ ٿيندي هئي پر هاڻ ٽيڪنالوجي سان ليس هڪ اهڙو ڊوائيس تيارڪيو پيو وڃي جنهن جي ذريعي خوابن جو پتو لڳائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.آيم آءِ ٽي ڊريم ليب جي ماهرن دعويٰ ڪئي آهي ته هو هڪ اهڙو ڊوائيس تيار ڪري رهيا آهن جنهن سان خوابن جو تجزيو ڪري سگھبو.خوابن کي ڄاڻڻ لاءِ ليب ۾ ”ڊورميو“ نالي ڊوائيس تي ڪم ڪيو جنهن جو ڪامياب نتيجو نڪتو، گلوز (هٿ جي دستاني) جهڙو هوندو ۽ ان کي سمهڻ کان اڳ هٿ تي پاتو ويندو.ماهرن چيو ته سمهڻ دوران اسان هيپناگوگيا يعني ننڊ جي سيمي لوسڊ اسٽيج ۾ هوندا آهيون جيڪا ننڊ جي ڪيفيت هوندي آهي، ان ۾ اسان کي خواب اچڻ شروع ٿي ويندا آهن جن مان ڪجهه کي اسان تصور به ناهيون ڪري سگهندا ان کي جاچڻ لاءِ ئي ڊورميو ڊوائس تي ڪم ڪيو پيو وڃي.ماهرن دعويٰ ڪئي ته ان ڊوائيس ۾ ٽيڪنالوجي سان ليس اهڙا سينسر موجود هوندا جن ۾ پهريان کان رڪارڊ ٿيل آڊيو موجود هوندو جيڪو ان حالت تائين پهچ حاصل ڪري سگھندو.ليب جي هڪ ماهر ايڊم هوروٽز جو چوڻ هو ته ماڻهو ناهن ڄاڻيندا ته سندن زندگي جو هڪ مقام اهو آهي جتي هو تبديلي ۽ بهتري آڻي سگھندا.ماهرن جو خيال آهي ته جيڪڏهن خوابن کي ڪنٽرول ڪري سگھجي ٿو ته ننڊ مختلف سوچن کي تيز ڪرڻ لاءِ موقعو فراهم ڪندي جنهن مان انسان گھڻو فائدو وٺي سگھجي ٿو.