ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ڪراچي جي عورتن حڪمرانن کان عزت ڀريو روزگار، سفري سھولت ۽ پيئڻ جي پاڻي سميت بنيادي سھولتون گھريون آھن،  اسانجي  حڪمرانن سدائين عورتن جو استحصال ڪري سندن حق غضب ڪيو آھي، ڪالهه هتي باغ جناح گرائونڊ ۾ عورتن جي جلسي کي خطاب ڪندي ھن چيو ته “حقوق ڪراچي“  رڳو ڪراچي لاءِ  نه پر پوري ملڪ جي تحريڪ آھي،  جنهن ذريعي آئيني ۽ قانوني حق وٺنداسين،  ھن چيو ته ڪراچي ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر مڪاني اليڪشن ملتوي ڪئي وئي،  اسين سنڌ حڪومت کي ڀڄڻ نه ڏينداسين ۽ پنهنجا بنيادي حق حاصل ڪنداسين، ان موقعي تي جماعت اسلامي عورت ونگ جي عطيه  نثار، رخشنده  منيب، اسما سفير ۽ ٻين عورت اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ 15 سالن کان پ پ جي حڪومت آھي، انهي باوجود سنڌ واسي بنيادي سھولتن کان محروم آھن