حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران حيدرآباد ۾ شامِ غزل جي نالي سان محفل منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ مختلف ناميارن راڳين سُر وکيري واهه واهه ڪرائي ڇڏي. شامِ غزل جي نالي سان اها محفل علامه دائود پوٽا لائبريري جي احاطي ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ عورتن سميت ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ راڳين جا ڳايل غزل ٻڌي کين خوب داد ڏنو. شامِ غزل جي محفل ۾ گلوڪاره ديبا ڪنول، شفيع وارثي، شهنيلا علي ۽ رجب علي اردو ۽ سنڌي غزل ڳائي داد حاصل ڪيو. شهنيلا علي جي ڳايل غزل ”هن سان ٻيهر وفا ڪري ڏسبي، پاڻ سان هڪ دغا ڪري ڏسبي“ کي خوب داد مليو. شفيع وارثي ”زندگي ۾ تو سبهي پيار ڪيا ڪرتي هين“ ڳائي داد حاصل ڪيو. ديبا ڪنول ”زندگي ڇا وڃي بچي آهي“ ڳايو ۽ نامياري راڳي رجب فقير کي ”آرزوئن جون ڪربتون آهن، دل ۾ ڪيڏيون حسرتون آهن“ ڳائي خوب مڃتا ماڻي. شامِ غزل جي محفل ۾ شريڪ ماڻهن جو چوڻ هو ته گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ راڳ رنگ جون اهڙيون محفلون منعقد ٿيڻ گهرجن ته جيئن شهرين کي تفريح سان گڏ سٺي موسيقي ٻڌڻ جو موقعو ملي سگهي.