حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ضلعي انتظاميا منافعي خور واپارين خلاف ٽئين ڏينهن ڪارروايون ڪري 22 واپارين کان 55 هزار 500 رپيا ڏنڊ وصول ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته رمضان آرڊيننس جي ڀڃڪڙي، عام واهپي جي شين بابت مارڪيٽ ڪاميٽي پاران جاري ڪيل لسٽون نه لڳائڻ، گوشت، ڀاڄين توڙي ميوون جا واڌو اگهه وصول ڪرڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي احمد مرتضيٰ 8 واپارين کان 15 هزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر لطيف آباد فراز احمد صديقي مختيار ڪار ماجد سپيو سان گڏجي 6 منافعي خورن کان 20 هزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو. اسسٽنٽ ڪمشنر قاسم آباد عبدالواحد چنا مختيارڪار فرحان جتوئي سان گڏ تعلقي جي مختلف علائقن ۾ قائم بازارن ۾ ڪارروائي ڪري 6 منافعي خور واپارين کان 18 هزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو. اهڙي ريت اسسٽنٽ ڪمشنر ٻهراڙي احسن مورائي مهانگي اگهه تي شيون وڪرو ڪندڙ ٻن واپارين کان 2500 رپيا ڏنڊ وصول ڪيو.