حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ڀرسان هوسڙي جي علائقي ۾ مصالحو وڪرو ڪندڙ اسامه نالي شخص کان هٿياربند 35 هزار رپيا ڦر ڪري ويا. شهزاد نالي  همراهه پوليس وٽ فرياد داخل ڪرايو آهي ته عامر پٺاڻ نالي شخص سان گڏ ٻين 4 ڄڻن سيلز مين کي روڪيو ۽ کانئس رقم ڦري فرار ٿي ويا. فريادي مطابق عامر پٺاڻ نالي شخص سيلز مين کي چيو ته سندن جلسو آهي ان ڪري کين پئسا گهرجن ٿا. بي سيڪشن ٿاڻي جي حد جي يونٽ نمبر 10 جي جامع مسجد وٽان نامعلوم چور احسان احمد نالي همراهه جي موٽرسائيڪل چوري ڪري ويا. ساڳئي ٿاڻي جي حد مان چور مڪه مسجد وٽان حماد جعفري جي موٽرسائيڪل چوري ڪري ويا. ڪينٽ ٿاڻي جي حد مان نامعلوم چور صدر جي ڊاڪٽر لائين ۾ فاطمه هائيٽس وٽان محمد عبدالله جي موٽرسائيڪل چوري ٿي وئي.