حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ قتل ڪيس ۾ جوابدار جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ڇڏي، جڏهن ته قتل ڪيس ۾ گرفتار سندس نينگر جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. فورٿ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ جوابدار مشير پٺاڻ وڪيل معرفت ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي. عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار کي هڪ لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي 6 ڏينهن لاءِ عبوري ضمانت منظور ڪئي ۽ کيس 30 اپريل تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. گڏوگڏ ڄاڻايل ڪيس ۾ جوابدار جو پٽ سلمان پٺاڻ گرفتاري سبب جيل ۾ قيد آهي جنهن پڻ وڪيل معرفت ضمانت لاءِ درخواست ڏني پر عدالت ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. ٽنڊو يوسف پوليس جوابدار مشير پٺاڻ، سندس پٽ سلمان پٺاڻ ۽ صاحبزاده پٺاڻ خلاف ڪجهه ڏينهن اڳ قتل جو ڪيس داخل ڪيو هو، جنهن ۾ فريادي شاهنواز پٺاڻ ڄاڻايو هو ته ڄاڻايل جوابدارن هم صلاح ٿي سندس پٽ گل نواز پٺاڻ کي قتل ڪيو آهي. پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ بعد الزام هيٺ آيل 16 سالن جي نينگر سلمان پٺاڻ کي گرفتار ڪري عدالتي حڪم تحت جيل اماڻي ڇڏيو آهي.