ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) مڪاني ادارن واري کاتي ن سنڌ ڪابينا کي دخواست ڪئي آهي ته حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن، قاسم آباد، ڪوٽڙي ۽ ٽنڊوالهيار جي ميونسپل ڪاميٽين جي لاڳاپيل عملي ۽ اثاثن کي سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمنيٽ بورڊ حوالي ڪيو وڃي ته جيئن شهرن جي مناسب طريقي سان صفائي سٿرائي ڪري سگهجي، ڪابينا ايس ايس ڊبليو ايم بي کي صفائي سٿرائي جي منتقلي (سالڊ ويسٽ مينجمينٽ) لاءِ ضلع اوڀر، اولهه، ڪياماڙي، ملير، ڪورنگي، ڏکڻ ۽ سينٽرل جي ڊي ايم سين بابت پوسٽ فيڪٽو منظوري پڻ ڏني.