حقيقت پسنداڻي ۽ مشن تي ٻڌل تربيت جنگ جي ميدان ۾ بهترين ڪارڪردگي جي ضمانت آهي: آرمي چيف

0
152
حقيقت پسنداڻي ۽ مشن تي ٻڌل تربيت جنگ جي ميدان ۾ بهترين ڪارڪردگي جي ضمانت آهي: آرمي چيف
حقيقت پسنداڻي ۽ مشن تي ٻڌل تربيت جنگ جي ميدان ۾ بهترين ڪارڪردگي جي ضمانت آهي: آرمي چيف

راولپنڊي: آرمي چيف چيو آهي ته حقيقت پسنداڻي ۽ مشن تي ٻڌل تربيت ئي جنگ جي ميدان ۾ بهترين ڪارڪردگي جي ضمانت آهي

آرمي چيف جنرل عاصم منير جو اسٽرائيڪ ڪور جي تربيتي مشقن جو معائنو ڪرڻ دوران اهڙي خيالن  جو اظهار ڪيو

آرمي چيف جي آمد تي ڪمانڊر منگلا ڪور آجيان ڪئي، آرمي چيف اسٽرائيڪ ڪور جي گڏيل تربيتي مشقن جو معائنو ڪيو

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مشقن جو مقصد جاري آپريشن تيارين جي توثيق ڪرڻ آهي

آرمي چيف تربيتي مشقن ۾ حصو وٺندڙ جوانن سان ملاقات به ڪئي، جنرل عاصم منير جوانن جي جذبي، آپريشنل ڪارڪردگي ۽ پيشيوراڻي مهارت جي واکاڻ به ڪئي

آرمي چيف چيو ته امن جي دور ۾ حقيقت پسنداڻي مشن تي ٻڌل تربيت جنگ جي ميدان ۾ بهتر ڪارڪردگي جي ضمانت آهي