جھول (ن پ ا) جھول پوليس ڪارروائي ڪري چاٻي ذريعي موٽرسائيڪل چوري ڪندڙ گروهه جا 2 ڄڻا گرفتار ڪري ورتا، پوليس موجب ڪارروائي دوران چوري ٿيل 5 موٽرسائيڪل هٿ ڪري 2 جوابدارن علي بخش عرف لودو شر ۽ گلزار خاصخيلي کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس موجب جوابدار موٽرسائيڪلون چورائي انھن جا ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي مختلف شهرن ۾ وڪرو ڪندا ھئا، پوليس موجب جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.