لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پيرسن دوست محمد شيخ پنهنجي گهر واري حسينه سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته اي ايس آءِ علي گوهر سان ڌيءَ شاهده جي ٻي شادي ڪرائي. ناٺي ڌيءَ کي گم ڪري ڇڏيو، رحمت پور ٿاڻي علي گوهر جويو سندس اڳ ڄائي پٽ رستم جويو، ڀاءُ منٺار، سيف چانڊيو ۽ ٻين مٿان ڪيس داخل ڪرايو،جوابدار ضمانت تي آهن، ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڄاٽي علي گوهر پوليس ساڻ ڪري گهر ڀاتين کي تشدد ڪري يرغمال بڻائي منهنجي پٽ احمد علي، همٿ ۽ ڏوهٽي عامر کي کنڀي ويو، تحفظ ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي.