ڪراچي: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جيڪب آباد ۾ سرڪاري زمينن جي غيرقانوني الاٽمينٽ ۽ قبضن خلاف درخواست تي صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي، ايم پي اي اسلم ابڙو ۽ ڪمشنر لاڙڪاڻو کي اربع ڏينهن ذاتي حيثيت ۾طلب ڪري ورتو آهي. عدالت جيڪب آباد جي ڊپٽي ڪمشنر کي به رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڪالهه سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي ڀيڻ مليحه ملڪ جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي ، مليحه ملڪ عدالت کي ٻڌايو ته اسڪولن ۽ هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي زمينن تي قبضا ڪيا ويا آهن ، صاحب لوڪ طاقتور آهن،انهن کان ڪير پڇڻ وارو ناهي، جنهن تي عدالت پڇيو ته اهي صاحب لوڪ ڪير آهن؟ جنهن تي پٽيشنر چيو ته اها سڀني کي خبر آهي ته اهي صاحب لوڪ ڪير آهن؟ هن عدالت کي ٻڌايو ته اعجاز جکراڻي، اسلم ابڙو، باقي ابڙو، رياض جکراڻي ۽ ٻيا صاحب لوڪن ۾ شامل آهن، ڪمشنر ۽ ڊي سي جي مجال ئي ناهي جو ڪارروائي ڪن. مليحه ملڪ وڌيڪ چيو ته ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر چوندا آهن ته عدالت جو حڪم هوندو ته ڪارروائي ڪنداسين، اسڪولن جي زمين تي هوٽلون ٺاهيون ويون آهن، پي پي ايڇ آءِ جي زمين تي رياض جکراڻي بنگلو تعمير ڪرايو آهي.