سکر (بيورو رپورٽ) پ پ جي مرڪزي اڳواڻ ايم اين اي سيد خورشيد شاھ جي پٽ ايم پي اي سيد فرخ شاھ جو 2 ڏينهن وارو ريمانڊ پورو ٿيڻ بعد نيب فرخ شاھ کي احتساب عدالت سکر ۾ پيش ڪيو، احتساب عدالت جي جج فريد انور قاضي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران نيب پراسڪيوٽر عدالت کي استدعا ڪئي ته فرخ شاھ کان وڌيڪ جاچ ڪرڻ لاءِ ٻن هفتن جو جسماني ريمانڊ ڏنو وڃي، جنهن بعد فرخ شاھ جي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏنا ته نيب اڳ ۾ ئي جاچ مڪمل ڪري چڪي ريفرنس داخل ٿي چڪو آھي، فرخ شاھ نيب سان اِن دوران مڪمل تعاون به ڪيو آھي، وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي ضرورت ناهي، هراسان ڪرڻ لاءِ وڌيڪ رمانڊ جي گھر ڪئي پئي وڃي، عدالت ٻنھي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد نيب جي جاچ آفيسر جي استدعا رد ڪندي فرخ شاھ کي هڪ ڏينهن جي ريمانڊ تي جيل ڪسٽڊي ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي اڄ (اڱاري) تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي ۽ فرخ شاھ کي اڱاري ڏينهن عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي، حاضري دوران صوبائي وزير اويس قادر شاھ پڻ فرخ شاھ سان گڏ موجود رھيو. واضح رھي ته خورشيد شاهه، سندس فرزند ايم پي اي فرخ شاھ، صوبائي وزير اويس قادر شاھ سميت 18 ڄڻن خلاف نيب طرفان احتساب عدالت سکر ۾ هڪ ارب 23 ڪروڙ روپين جو آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاھڻ وارو ريفرنس داخل ڪرايل آھي.