جيڪب آباد ۾ ايم پي اي اسلم ابڙو جي پيٽرول پمپ سميت ٻين حددخلين کي ڊاهڻ لاءِ نوٽيس

0
519

جيڪب آباد: جيڪب آباد ۾ حددخلين خلاف آپريشن تيز ڪندي ايم پي اي اسلم ابڙو جو پيٽرول پمپ، معراج ھوٽل، چوائس بيڪري سميت ڪيترائي دڪان ڊاھڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. ضلعي انتظاميا معراج ھوٽل جو 26 فوٽ، ايم پي اي جو پمپ 12 فوٽ ۽ چوائس بيڪري 8 فوٽ قبضو ڄاڻائي نشان لڳائي ڇڏيا. پندرهن ڏينهن اندر پاڻمرادو حددخليون ختم ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ انتظاميا مسمار ڪندي ڌرين کي حڪم ڏنو ويو، مختيارڪار جيڪب آباد عباس سڌايو جو چوڻ هو ته چوائس بيڪري ۽ ان جي ڀرپاسي وارا دڪان به ڊاٿا ويندا.