جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ويجهو ڳوٺ جاگير جي رھواسين ٻن ڌرين ۾ پسند جي شادي تان ھلندڙ پراڻو تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو، مولاداد ٿاڻي جي ملھو واھ وٽ ھٿياربندن موٽرسائيڪل تي گھر ويندڙ نوجوان شھمير جکراڻي کي روڪي ورتو، ھٿياربندن سڃاڻپ بعد نوجوان کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، اطلاع تي وارث ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ان حوالي سان مقتول نوجوان جي سئوٽ الطاف جکراڻي ٻڌايو ته کوسن سان سڱ جي معاملي تي جھيڙو ھلندڙ آهي، ٻنھي ڌرين جا خون اڳ ٿيل ھئا، ھاڻي به اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي، هوڏانهن پوليس ٻڌايو ته جکراڻي ۽ کوسا برادري ۾ پراڻو تڪرار ھلندڙ آهي، جنهن سبب جکراڻي برادري جي نوجوان کي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.