اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مجلس وحدت مسلمين (ايم ڊبليو ايم) جي سربراهه علامه راجا ناصر عباس جعفري تحريڪ انصاف جي جيل ڀريو تحريڪ ۾ گرفتاري ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پريس ڪانفرنس ڪندي علامه راجا ناصر عباس جعفري چيو ته راولپنڊي ۾ گرفتاري ڏيندس، هن چيو ته اليڪشن ۾ دير عوام جي حق تي ڌاڙو هڻڻ برابر آهي. ملڪ کي 70ع جهڙين حالتن ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، عدالتن تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، عوام جي خاطر گرفتاري ڏيندس.هن چيو ته تاريخ جي بدترين مهانگائي سڀني جي سامهون آهي.