جيل ڀريو تحريڪ ختم، عمران خان پاران چونڊ مهم شروع ڪرڻ جو اعلان

0
125
عمران خان چيف جسٽس جي حمايت ۾ عوام کي ڇنڇر تي روڊن تي اچڻ جو سڏ ڏئي ڇڏيو
عمران خان چيف جسٽس جي حمايت ۾ عوام کي ڇنڇر تي روڊن تي اچڻ جو سڏ ڏئي ڇڏيو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جيل ڀريو تحريڪ معطل ڪندي چونڊ مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي

ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ عمران خان چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو ته آئين جي بالادستي سپريم ڪورٽ جي ذميواري هئي، عدالت پنهنجو ڪردار نڀايو آهي

 

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ جو اڄوڪو فيصلو پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني جو اعلان آهي، عدالتي فيصلي کانپوءِ جيل ڀريو تحريڪ في الحال ختم ڪندي پنجاب ۽ ڪي پي ۾ اليڪشن مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيان ٿو

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي چونڊ نوٽيفڪيشن ڪيس ۾ ٻنهي صوبن ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

هي به پڙهندا

سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

چونڊن بابت پاڻمرادو نوٽيس کي رد ڪيون ٿا: ججز جو اختلافي نوٽ