ڪوٽڙي (ن پ ا) جهمپير مان ڪوٽڙي واسي نوجوان مبينا طور نامعلوم هٿياربند هٿان کنڀجي ويو، ڪوٽڙي واسي نوجوان قومي ڪارڪن طارق سومرو جهمپير ۾ ونڊ پاور ڪمپني ۾ ڪم ڪندو هو، جتان کيس مبينا طور نامعلوم ماڻهو کنڀي کڻي ويا آهن، ان حوالي سان نوجوان جي سندس ڀاءُ ايس يو پي ضلعي اڳواڻ فياض علي سومري موجب ڀاءُ کي جهمپير جي ونڊپاور ڪمپني مان اڻڄاتل هٿياربند کنڀي کڻي ويا آهن، کين شڪ آهي ته قومپرست سياست ڪرڻ جي ڏوھ ۾ سگهارين ڌرين کيس کنڀي گم ڪيو آهي، هن چيو ته اسان جي ڀاءُ جي زندگي خطري ۾ آهي، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي سندس بيگناھ ڀاءُ کي آزاد ڪيو وڃي.