جلد فيصلو ڪيو، نه ته هيڏانهن جا رهنداسين نه هوڏانهن جا: ق ليگ اڳواڻن جو پارٽي کي مشورو

0
368
جلد فيصلو ڪيو، نه ته هيڏانهن جا رهنداسين نه هوڏانهن جا: ق ليگ اڳواڻن جو پارٽي کي مشورو
جلد فيصلو ڪيو، نه ته هيڏانهن جا رهنداسين نه هوڏانهن جا: ق ليگ اڳواڻن جو پارٽي کي مشورو

لاهور: مسلم ليگ ق جي اڳواڻن پارٽي قيادت کي موجوده صورتحال ۾ جلد فيصلو ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.

ذريعن موجب پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي جي صدارت هيٺ مسلم ليگ ق جو مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پارٽي جي سينيئر اڳواڻن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ پنجاب جي موجوده صورتحال ۽ ترين گروپ جي سرگرمين جو به جائزو ورتو ويو.ذريعن موجب اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن موقف اختيار ڪيو ته ڪو به اتحادي وفاقي حڪومت جي ڪارڪردگيءَ مان خوش ناهي ان ڪري مسلم ليگ (ق) کي جلد پنهنجو سياسي فيصلو ڪرڻو پوندو. ذريعن موجب اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن صلاح ڏني ته دير نه ڪئي وڃي، ايئن نه ٿئي جو نه هيڏانهن جا رهون نه هوڏانهن جا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته چوڌري شجاعت به مرڪزي حڪومت جي ڪارڪردگيءَ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته اسان کي ڪارڪنن ۽ پارٽي کي مايوس نه ڪرڻ گهرجي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ٻين حڪومتي اتحادين جي مشاورت سان فيصلا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان موقعي تي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي چيو ته هو ملڪي مفاد ۽ سياسي مستقبل کي نظر ۾ رکندي مشاورت سان فيصلا ڪندا. ذريعن موجب اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن پنجاب ۾ واعدا پورا نه ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪمران اتحاد پاران ايندڙ ٻن ٽن ڏينهن ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو امڪان آهي، جنهن ۾ وڏو اعلان ڪيو ويندو.

 

ھي به پڙھندا

وزيراعظم جي ڳالهين مان لڳي ٿو ته هر ڪنهن سان ٽڪراءُ لاءِ تيار آهي: شيري رحمان