شڪارپور (رپورٽ: وحيد بروھي) شڪارپور ۾ شھيد اهلڪارن واري ڪيس ۾ گرفتار تيغاڻي چڱو مڙس تيغو تيغاڻي ضمانت تي آزاد، جيل مان نڪرڻ بعد سندس راڄ جي ماڻھن پاران شاندار آجيان، خبر موجب ڳڙھي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ اڍائي مهينا اڳ آپريشن دوران ڏوهارين هٿان شھيد ٿيل اهلڪارن منور علي جتوئي، عبدالخالق سولنگي ۽ نجي فوٽو گرافر حسيب شيخ واري ڪيس ۽ ڏوهارين جي سرپرستي جي الزام ۾ گرفتار تيغو تيغاڻي جيل مان ضمانت تي آزاد ٿي ويو آهي، آزاد ٿيڻ بعد تيغو تيغاڻي پنھنجي اباڻي ڳوٺ ڳڙھي تيغو پھتو، آزاد ٿيڻ وقت جيل ٻاهران علائقي جي سبزوئي، تيغاڻي، ملڪ ۽ بنگلاڻي برادري سميت مختلف برادرين جي سوين ماڻھن سندس شاندار آجيان ڪئي، هوڏانهن اڳوڻي ايم ين اي ۽ اڳوڻي ضلعي ناظم سليم جان مزاري، ايم پي اي عبدالرئوف کوسو ۽ ٻين برادرين جي هزارين ماڻھن ڳڙھي تيغو پهچي کيس آزادي تي مبارڪون ڏنيون. تيغو تيغاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سازش تحت ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو، مان هميشه پوليس جو همدرد رهيو آھيان ۽ ڏوهارين جي خلاف رهيو آھيان، هن چيو ته مون کي عدالتن مان انصاف جي اميد آھي، هن چيو ته مان سنڌ سرڪار جو ۽ همدرد دوستن جو ٿورائتو آھيان.