توشه خانه ڪيس: عمران خان جي درخواست رد: ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ برقرار

0
163
توشه خانه ڪيس: عمران خان

اسلام آباد جي عدالت توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي

ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالتي فيصلي بعد عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ برقرار آهن

ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال جي عدالت عمران خان جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ڪجهه دير لاءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو

عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي عمران خان جا گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي

 اسلام آباد جي ساڳي عدالت 28 فيبروري تي توشه خانه ڪيس ۾ حاضر نه ٿيڻ تي عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا

 گرفتاري وارنٽس جو نوٽيس ڏيڻ لاءِ گذريل ڏينهن اسلام آباد پوليس زمان پارڪ لاهور به وئي هئي

هي به پڙهندا

منهنجو توشه خانه ڪيس ٽي وي تي ٻڌو وڃي: عمران خان جو مطالبو