توشه خانه فوجداري ڪيس ۾ گرفتار عمران خان کي اٽڪ جيل ۾ رکيو ويو

0
332
توشه خانه فوجداري ڪيس ۾ گرفتار عمران خان کي اٽڪ جيل ۾ رکيو ويو
توشه خانه فوجداري ڪيس ۾ گرفتار عمران خان کي اٽڪ جيل ۾ رکيو ويو

توشه خانه فوجداري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين زمان پارڪ مان گرفتار، اسلام آباد جي پِمز اسپتال ۾ ميڊيڪل چيڪ اپ بعد کيس اٽڪ جيل ۾ رکيو ويو

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اڄ پي ٽي آءِ چيئرمين کي توشه خانه فوجداري ڪيس ۾ 3 سال قيد ۽ هڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ وڌيڪ 6 مهينا قيد ڪاٽڻو پوندو، جج همايون دلاور فيصلي ۾ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين تي ڪوڙا اثاثا ظاهر ڪرڻ جو الزام ثابت ٿيو آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي بي ايماني ثابت ٿي آهي

عدالت پاران لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي بدديانتي ڪنهن به شڪ شبهي کان مٿانهين آهي، 4 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيلن درخواست ٻڌڻ جوڳي هجڻ تي ڪي به دليل نه ڏنا، 5 ۽ 8 جولاءِ تي ڪيس ٻڌڻ جوڳو هجڻ جي درخواست تي ڏنل دليلن جي بنياد تي درخواست رد ڪجي ٿي

پي ٽي آءِ چيئرمين 2018ع کان 2020ع دوران اثاثن جا ڪوڙا تفصيل جمع ڪرايا، هن توشا خانه مان حاصل ڪيل تحفن جي ڄاڻ ۾ دوکي بازي کان ڪم ورتو، جوابدار کي اليڪشن ايڪٽ 174 تحت 3سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وڃي ٿي

 

توشه خانه ڪيس: عمران خان 5سالن لاءِ نااهل قرار: پي ٽي آءِ سربراهه گرفتار

تحريڪ انصاف پاران عمران خان جي گرفتاري چيلينج ڪرڻ جو اعلان

عمران خان جي گرفتاريءَ خلاف ملڪگير احتجاج جو سڏ

عمران خان جي گرفتاريءَ خلاف ملڪگير احتجاج جو سڏ

عمران جي گرفتاري تي حريم شاهه پاران وڊيوز جاري ڪرڻ جي ڌمڪي