تحريڪ انصاف پاران عمران خان جي گرفتاري چيلينج ڪرڻ جو اعلان

0
135

پاڪستان تحريڪ انصاف توشه خانه ڪيس ۾ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري کي اعليٰ عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي

ترجمان پي ٽي آءِ موجب توشه خانه ڪيس ذريعي عدل جي نظام تي ڪارو داغ لڳايو ويو آهي، تاريخ جي بدترين ٽرائل ۾ انصاف جي قتل جي ڪوشش ڪئي وئي

ترجمان موجب سيشن عدالت جو فيصلو سياسي انتقام، انجنيئرنگ جو بدترين مثال آهي

سيشن جج اسلام آباد همايون دلاور توشه خان ڪيس ۾ حقيقتون لڪائڻ تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين کي 3 سال قيد ۽ هڪ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ۽ عدالت عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو به حڪم جاري ڪيو

عدالتي حڪم بعد پوليس عمران خان کي لاهور ۾ سندس رهائشگاهه زمان پارڪ مان گرفتار ڪري ورتو آهي