عمران خان جي گرفتاريءَ خلاف ملڪگير احتجاج جو سڏ

0
344
عمران خان جي گرفتاريءَ خلاف ملڪگير احتجاج جو سڏ
عمران خان جي گرفتاريءَ خلاف ملڪگير احتجاج جو سڏ

شاهه محمود قريشي پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاريءَ خلاف پرامن ملڪ گير احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو

شاهه محمود قريشي پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته ڪارڪن احتجاج دوران ڀڃ ڊاهه کان پاسو ڪن

پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاريءَ کانپوءِ مشاورت لاءِ پارٽيءَ جي ڪور ڪميٽي جو اڄ اجلاس طلب ڪيو ويو آهي

اجلاس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاريءَ خلاف حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو

شاهه محمود قريشي چيو ته عوام ۾ عدالتي فيصلي تي بي چيني، ڏک ۽ ڪاوڙ پکڙيل آهي

ان کان اڳ تحريڪ انصاف جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جو پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف فيصلو تعصب تي ٻڌل آهي، همايون دلاور جي فيصلي کي اعليٰ عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو هو

هن کي به پڙهندا

توشه خانه ڪيس: عمران خان 5سالن لاءِ نااهل قرار: پي ٽي آءِ سربراهه گرفتار

تحريڪ انصاف پاران عمران خان جي گرفتاري چيلينج ڪرڻ جو اعلان

عمران جي گرفتاري تي حريم شاهه پاران وڊيوز جاري ڪرڻ جي ڌمڪي