تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ڀرسان ڀٽائي ڪالوني پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ بلاول جکراڻي ۾ 13 سالن جي نينگري ضميران ڌيءُ وشو جکراڻي جو گهر مان گولي لڳل لاش هٿ آيو، ان حوالي سان نينگري جي پيءُ وشو جکراڻي پوليس کي اطلاع ڪيو ته ڌيءُ گهرو اڻبڻت تان پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪيو آهي، پوليس لاش واقعي واري هنڌان کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف پوليس ٻڌايو ته لاش جي ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ جاچ ڪنداسين.