تماش گاهه … سموسا وڪڻندڙ ڇوڪرو

0
41
تماش گاهه ... سموسا وڪڻندڙ ڇوڪرو

اهڙا منظر ته توهان کي ملڪ جي مختلف حصن ۾ نظر ايندا آهن، جنهن ۾ ڪمسن ۽ ننڍي عمر جا ڇوڪرا کائڻ پيئڻ جي ڪا نه ڪا شيءِ وڪڻندي ملندا آهن. ڪنهن کي ڪو ٽِري يا ٿالهه کنيل هوندو آهي، ڪنهن جي هٿ ۾ بالٽي هوندي آهي، ڪنهن جي هٿ ۾ واٽر ڪولر هوندو آهي. اهي منظر هر موسم ۾ هوندا آهن. اهڙو ئي هڪ منظر ضلعي ڄامشوري ۾ شديد گرم موسم ۾ چار ڏينهن اڳ جڏهن ڊپٽي ڪمشنر رياض حسين وساڻ کي نظر آيو ته هن پنهنجي گاڏي روڪرائي ان ٻارڙي کي سڏيو. ٻارڙو سموسا وڪرو ڪري رهيو هو ۽ سمجهيائين ته صاحب کي سموسا خريد ڪرڻا هوندا. ڊپٽي ڪمشنر ڇوڪري سان مختصر گفتگو ڪئي ۽ کيس ان ڳالهه تي راضي ڪري ورتو ته اهو ڇوڪرو سموسن جي ٿالهه بدران ڪتابن جو ٿيلهو هٿن ۾ کڻندو ۽ اسڪول ويندو. اهو انتهائي درجي جو ساراهه جوڳو ڪم آهي، جنهن جي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ته ڏسندڙن ڊپٽي ڪمشنر جي ساراهه ڪئي.

                 مختلف علائقن ۾ ٻارڙا، ڪمسن يا ننڍي عمر جا ڇوڪرا سامان وڪرو ڪرڻ جي جستجو ڪندا آهن. ڪو انهن کان سامان خريد ڪري وٺندو آهي ته ڪو ٽاري ڇڏيندو آهي. انهن جو ڄمارون تعليمي ادارن يا اسڪول وڃڻ جون آهن، جتي کين تعليم حاصل ڪرڻي هوندي آهي، ڇو ته ان ۾ ئي انهن جو مستقبل آهي. سڄي ملڪ ۾ ڊپٽي ڪمشنر موجود آهن، سڄي ملڪ ۾ بيت المال موجود آهن، سڄي ملڪ ۾ مخير ماڻهن جو وڏو تعداد پڻ موجود آهي، جيڪو رب جي رضا خاطر انهن ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ جي حيثيت ۽ صلاحيت رکي ٿو. اهي انهن جي تعليم جو خرچ برداشت ڪري سگهن ٿا. ڪي ماڻهو ائين ڪندا به ضرور هوندا، جيڪي اسان جي نظرن ۾ نٿا اچن. انهن ٻارڙن جو هڪ اهم مسئلو هوندو آهي جيڪو نظرانداز ٿيندو رهي ٿو. انهن مان اڪثر ٻارڙن جا والد حيات ناهن هوندا. ٻار ئي اهڙي گهر جو سنڀاليندڙ تصور ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن والد زنده آهي ته بيمار آهي يا نشي ۾ ملوث ٿي ويندو آهي. انهن جون مائرون پنهنجي جگر جي ٽڪرن کي ڪجهه ڪمائي گهر آڻڻ لاءِ موسم جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ گهران ڪڍي ڇڏينديون آهن ته جيئن ٻارڙو ڪجهه ڪمائي آڻيندو ته گهر ۾ مانيءَ لولو پچندو. ڪجهه ٻارن جي ڪمائي ته انهن جي والد جي نشي جي سامان ۾ هلي ويندي آهي. مانيءَ جو اهو چڪر ٻار کي اسڪول کان لاتعلق ڪري ڇڏيندو آهي. رستي تي ان کي ڏسي، مستري جي گئريج تي ان کي ڏسي، گهرن ۾ ٻُهاري پوچو ڪندڙ ٻارڙين کي ڏسي ڪو اهو نٿو سوچي ته سرڪاري وسيلن جي باوجود انهن کي اسڪولن ۾ ڇو نٿو ويهاريو وڃي؟ ڪجهه اهڙا ٻارڙا به هوندا آهن، جيڪي اسڪول ايندڙ ويندڙ ٻارڙن کي ڏسي دل ئي دل ۾ پيا وٽ کائيندا آهن پر انهن جي ڪمسني انهن کي پنهنجي حالتن سان مزاحمت ڪرڻ جي اجازت ناهي ڏيندي. مون تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ته ڊپٽي ڪمشنر صاحب سان رابطو ٿي وڃي ته آئون کانئس پڇان ته ٻارڙي کان سموسن جي ٿالهي وٺي ان جي هٿن ۾ ڪتاب ڏيڻ جو عمل ته تمام گهڻو حوصلا افزا آهي پر ان ٻارڙي جي گهر جي ضرورتن کي ڪيئن پورو ڪيو ويندو؟

سرڪاري اسڪولن ۾ ڪتاب مفت فراهم ڪيا ويندا آهن. اسڪولن ۾ في نٿي وصول ڪئي وڃي پر اسڪولي يونيفارم لاءِ اهو ڇا ڪندو؟ پنهنجي ماءُ کي جيڪو ڪجهه ڪمائي آڻي ڏئي ٿو ته جيئن ان جي گهر جي مانيءَ جو انتظام ٿي سگهي يا ان جو ڪو متبادل انتظام ٿي وڃي. سرڪار جي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ بيت المال اهڙو ادارو آهي، جيڪو ٻارن جي سرپرستي ڪري سگهي ٿو. سرڪاري طور تي زڪوات جي ورهاست جو به طريقو موجود آهي. سرڪار وٽ اهڙن وسيلن جي به ڪمي ڪانهي، جو اهڙي طرح جي ڪمن لاءِ ڪيترائي وسيلا پيدا ڪري سگهجن ٿا. تعليم کاتي جو وزير اهو بيان ڏيندي نٿو ٿَڪجي ته حڪومت ڪنهن ٻار کي اسڪول کان ٻاهر ڏسڻ نٿي چاهي پر اهڙا بيان صرف بيان بازيءَ جي حد تائين هوندا آهن. خود ڊپٽي ڪمشنر جي هٿ وس ايترا وسيلا هوندا آهن جو اهي سموسا وڪڻندڙ هڪ نه پر درجنين ٻارن جي پرورش ڪري سگهن ٿا. سخت گرميءَ جي موسم ۾ پگهر ۾ ٻڏل ٻارڙن کي سموسا، ڪيلا، کاڌي جون ڪجهه ٻيون شيون وڪڻندي ڏسي ڏک ٿئي ٿو ۽ سخت ترين سيءَ جي موسم ۾ رات جي وقت اهڙن ٻارن کي اٻاريل آنا وڪڻڻ لاءِ گراهڪ کي هڪ آنو خريد ڪرڻ لاءِ ٻاڏائيندي ڏسي دل ويهي ٿي رهي ته ان ملڪ ۾ ان جي شهرين جي انتهائي اهميت رکندڙ ضروري فلاح ۽ بهبود جي ڪم جو ڪو بندوبست ناهي ۽ جيڪڏهن آهي به ته ڪاغذي دفتري ڪارروائي جي تڪميل ئي نٿي ٿي سگهي. ڪاغذ جو پيٽ ڀريندڙ کي درخواستگذار جي خالي پيٽ هجڻ جو احساس ۽ خيال ئي ناهي رهندو. سرڪاري ڪارروائيءَ ۾ دير، سموسا وڪڻندڙ ڇوڪري کي ٻيهر سموسا ئي وڪڻڻ لاءِ ڌڪو ڏيئي ڇڏيندي آهي. پئسا ناهن هوندا ته ماءُ به روزانو ست سُريون ٻڌائيندي آهي ۽ جيڪڏهن پيءُ نشي جو عادي هوندو آهي ته اهو ته ٻارڙي کي مارڪٽ ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندو آهي. هر روز ته رياض حسين وساڻ جهڙا، ضرورتمند ٻارڙن کي ملندا ئي ناهن، جيڪي ڪو وسيلو پيدا ڪري ڏين. هن تماش گاهه ۾ حڪومت کي تمام سنجيدگيءَ سان تعليم يافته ماڻهن جي تعاون سان سموسا وڪڻندڙ ٻارڙن جي هٿن ۾ ڪتاب ڏيڻ گهرجن ۽ انهن جي گهر جي لاءِ ڪو جوڳو بندوبست ڪرڻ گهرجي.