تماش گاهه … آءِ ايم ايف ۽ ڦاٽل قميص

0
329
تماش گاهه ... آءِ ايم ايف ۽ ڦاٽل قميص

  آءِ ايم ايف هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت پاڪستان کي بجيٽ جي معاملي تي ڌتاري ڇڏيو آهي پر آءِ ايم ايف جو اهو ڌتارڻ ۽ ٽارڻ پاڪستان لاءِ انتهائي تڪليف ڏيندڙ معاملو هوندو، ڇو ته بجيٽ ٺاهڻ ئي مشڪل هوندو. پاڪستان جو عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان قرض پروگرام مڪمل ٿيڻ کانسواءِ ختم ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. نائين اقتصادي جائزي کانپوءِ آءِ ايم ايف سان پاڪستان جو معاهدو ختم ٿي ويندو. حڪومت جو چوڻ آهي ته بجيٽ تجويزن تي آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي. ڏهين ۽ يارهين اقتصادي جائزي کان پهرين قرض پروگرام جو وقت ختم ٿي ويندو. واضح رهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ موجوده قرض معاهدي جو مدو 30 جون تائين آهي، جيڪا تاريخ وڌائي نٿي سگهجي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان هڪ نئون بيل آئوٽ پروگرام حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ٻئي طرف اسلام آباد پنهنجن سياسي معاملن ۾ مداخلت تي آءِ ايم ايف کي تنقيد جو نشانو پڻ بڻايو آهي. هڪ نجي چئنل مطابق شهباز شريف آءِ ايم ايف جي ايم. ڊي ڪرسٽالينا جارجيوا سان پنهنجي ٽيليفون تي ٿيل ڳالهه ٻولهه دوران فالو اپ بيل آئوٽ پئڪيج جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان جو موجوده 6.5 بلين ڊالر جو پروگرام گذريل ستن مهينن کان پٽڙي تان لٿل آهي ۽ اهو 30 جون تي ختم ٿي رهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي سربراهه هڪ ٻئي آءِ ايم ايف پئڪيج جي ضرورت جي باري ۾ وزير اعظم جي خيالن جو هاڪاري جواب ڏنو آهي. سفارتي ذريعن ۽ عالمي مالياتي ٿنڪ ٽئنڪس مطابق ايندڙ مالي سال ۾ 25 ارب ڊالرن جي قرضن جي واپسي ۽ ڊفالٽ کان بچڻ لاءِ پاڪستان کي آءِ ايم ايف جو نئون پئڪيج وٺڻو پوندو.

پاڪستان جا حڪمران ۽ ڪامورا ڊگهي عرصي کان اهو سوچڻ کان قاصر نظر ايندا ته آخر هي ملڪ ڪڏهن پنهنجن پيرن تي بيهندو ۽ ان کي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ڪهڙا اپاءُ وٺڻا پوندا ۽ انهن تي عمل ڪرڻو پوندو. آءِ ايم ايف ته انهن لاءِ اهڙي نموني ضروري ٿي ويو آهي جو ملڪ آءِ ايم ايف جي قرض تي ٿيندڙ وياج لاهيندا آهن ۽ باقي رقم مان پنهنجو گذارو ڪندا آهن. ملڪ جو گذارو ته ڪونه ٿيندو آهي. ملڪ جي سمورن علائقن ۾ گهمي عوام جي بدتر حالت ڏٺي وڃي ته اندازو ٿي ويندو ته هن ملڪ ۾ ڇا پيو ٿئي. سياستدان خوشحال آهن، وڏا سرڪاري ملازم خوشحال آهن، انهن ٻنهي جون ملڪيتن ۽ سهولتن کي گڏ ڪيو وڃي ته حيرتناڪ تصوير اڀري سامهون اچي ٿي ته پاڪستان غريب ترين عوام جو ملڪ آهي، جتي امير ترين حڪمران رهندا آهن. ايئن صرف ان ڪري آهي ته ملڪ کي هلائڻ ۽ ان جي معاشي صورتحال کي درست ڪرڻ لاءِ ڪا رٿابندي ناهي ڪئي ويندي. ڪمزور کان ڪمزور واپاري به پنهنجي ڪاروبار جي ڪا نه ڪا رٿابندي ڪندو آهي، پر پاڪستاني سياستدان ته ان پاسي سوچيندا به ناهن. انهن ملڪ کي ڇو ان حد تائين نظر انداز ڪيو آهي! ملڪ ۾ خانگي شعبي کي هر شعبي ۾ ايتري رسائي ڏنل آهي، ايئن لڳندو آهي ڄڻ جنهن ڏينهن اهو نجي شعبو ويهي رهيو ته ملڪ پڻ ويهي رهندو. ڪنهن شعبي ۽ کاتي جو نالو وٺو ته ان جو متبادل خانگي شعبي ۾ موجود آهي. جيڪو سواءِ ڦرلٽ جي ٻيو ڪجهه نه پيو ڪري. آءِ ايم ايف تي ڀاڙيندڙ حڪمران ۽ ملڪ هلائڻ وارا وڏا اهلڪار ڪنهن به اهڙي مسئلي تي فڪر ڪرڻ، سوچڻ يا عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، جنهن جي ڪري ملڪ جي گاڏي پٽڙيءَ تي چڙهي سگهي. خوشحال پاڙيسري به ضرورتمند پاڙيسريءَ کي قرض مٿان قرض ڏيڻ تي هٻڪ محسوس ڪندو آهي. ان جو هڪ مثال ڪجهه ان ريت آهي ته 2010ع ۾ منظور ٿيل ارڙهين آئيني ترميم تي پوري ريت عمل ٿي نه سگهيو آهي. ان حوالي سان ڪو ڪم ڪيو ئي ناهي ويو. هن وقت ملڪ ۾ وفاقي سطح تي 23 ڊويزنن جي تحت 400 جي لڳ ڀڳ کاتا ڪم ڪري رهيا آهن. پر اصل ۾ اهي رڳو پالجي رهيا آهن. ساڍا ڇهه لک ملازم آهن. ارڙهين ترميم کانپوءِ وفاقي حڪومت ۾ جيڪي کاتا ختم ٿيڻا هئا، اهي اڃان تائين برقرار آهن ۽ انهن وٽ ڪوبه ڪم ڪونهي. رڳو مفت خوري تي سندرو ٻڌل اٿن. صوبن ۾ ضرورت کان وڌيڪ اسٽاف موجود آهي. وفاقي ۽ صوبائي اڳوڻن ملازمن جي سالياني پينشن جي بجيٽ 13 کرب رپيا ٻڌائي وڃي ٿي. خزاني واري اڳوڻي صوبائي وزير شاهد ڪاردار جو چوڻ آهي ته 3/2 ملازم گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي پر حڪمراني ڪندڙ سياستدان ۽ ملڪ جو انتظام هلائيندڙ ڪامورا حڪومت جي حجم کي گهٽ ڪرڻ نٿا چاهين. ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته اهي ان ڪري ايئن نٿا ڪرڻ چاهين ته سندن بادشاهت متاثر ٿئي ٿي. پينشن ۽ سرڪاري آفيسرن ۽ ملازمن جي پگهارن ۾ غير معمولي واڌ جون تجويزون ڏنيون ويون آهن. سڀني جو اهو خيال هوندو آهي ته آءِ ايم ايف ته موجود آهي، پئسا ملي ويندا. جيستائين اهڙي سوچ مان ڇوٽڪارو نٿو حاصل ڪجي، تيستائين ملڪ مسئلن جي ور چڙهيل رهندو. ملڪ ۽ مستقبل جو خيال ڪرڻ بدران رٿابندي ڪندڙ ۽ ان تي عمل ڪرائيندڙ ظاهري طرح بي فڪر ان ڪري هوندا آهن ته انهن کي ته هن ملڪ ۾ رهڻو ئي ڪونهي. پاڪستاني سياستدان جنهن انداز ۾ ڄنڊا پٽ ڪري رهيا آهن، ان صورت ۾ اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته ڦاٽل قميص جو گريبان به سياسي مخالفن جي هٿ ۾ آهي. سياستدانن وٽ ماني گهڻي ۽ غريبن وٽ تڪليف گهڻي آهي.

ان خبر تي غور ڪريو ته سنڌ جي وزير اعليٰ جي چيف پائليٽ، جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي سيڪريٽري کي ٻن اڪائونٽن جي مد ۾ گهربل رقم جاري ڪرڻ لاءِ خط لکيو آهي. وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي فضائي سفر کي جاري رکڻ لاءِ رقم جاري ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. چيف پائليٽ گهربل اضافي رقم 3 ڪروڙ، 85 لک رپيا گهري آهي. خط مطابق هلندڙ سال دوران وزير اعليٰ سنڌ جي فضائي سفر تي مجموعي طور تي 10 ڪروڙ، 24 لک، 18 هزار، 449 رپيا خرچ ٿيا آهن. هيليڪاپٽر جي مرمت ۽ ٻارڻ لاءِ 3 ڪروڙ، 85 لک رپيا جاري نه ڪيا ويا آهن. هيليڪاپٽر، پلين چارجز، ٻارڻ ۽ مرمت لاءِ هلندڙ مالي سال دوران 10 ڪروڙ، 47 لک. 67 هزار رپيا مختص ڪيا ويا آهن. ان رقم مان 10 ڪروڙ، 24 لک، 18 هزار، 949 رپيا خرچ ٿي چڪا آهن. ڪو وزير اعليٰ کان سوال ڪري ته آخر ڪهڙي هنگامي صورتحال پيدا ٿيندي آهي، جو کين هيليڪاپٽر استعمال ڪرڻو پوندو آهي؟ سرڪاري خرچ جو اهو هڪڙو معمولي مثال آهي. اهڙا تمام گهڻا مثال موجود آهن. جيڪڏهن ان جهڙن خرچن تي ضابطو آندو وڃي ته شايد آءِ ايم ايف جي محتاجي کان ڇوٽڪارو ملي ويندو. هڪ طرف اهي اجايا خرچ آهن ته ٻئي طرف فيڊرل بيورو آف روينيو 621 ارب رپيا روينيو جو گهربل هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيو آهي. هدف جي مقابلي ۾ 572 ارب رپين جا نج ٽيڪس گڏ ٿي سگهيا آهن. ايف بي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هدف کان 49 ارب رپيا گهٽ اوڳاڙي ٿي سگهي آهي.